اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي و??ير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان مختلف مذهبن، ثقافتن ۽ تهذيبن جي وچ ۾ امن ۽ آشتي ۽ هم آهنگي جي فروغ لاءِ پنهنجون سموريون ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ لاءِ پرعزم آهي. اولهه اظهار راءِ جي آزادي جي غلط استعمال جي حوصلا افزائي نه ڪري، اسلام امن جو دين آهي، جيڪو تشدد ۽ انتهاپسندي کي قبول نٿو ڪري، مختلف تهذيبن جي گهواري جي طور تي پاڪستان مختلف ثقافتن جو هڪ حسين اتحاد آهي. هو هتي عالمي بين المذاهب امن ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. پرڏيهي و??ير چيو ته انتهاپسندي، بالادست نظريات، تڪراررن ۽ پراڻن جهيڙن سان ويڇن ۽ ورهاست جو شڪار اڄ دنيا ۾ بين المذاهب هم آهنگي نهايت اهم اهميت ۽ خاص حيثيت حاصل ڪري و??تي آهي. هن چيو ته شرانگيز پروپيگنڊا جي باوجود دنيا ۾ اهو احساس وڌي رهيو آهي ته اسلام امن جو دين آهي جيڪو تشدد ۽ انتهاپسندي کي قبول نٿو ڪري ۽ نه ئي ان جي فروغ يا حوصلي افزائي جي ترغيب ڏي ٿو. اسلام نسلي برتري جي نظريات ۽ رنگ ۽ نسل جي بنياد تي امتيازات کي سختي سان رد ڪري ٿو. پرڏيهي و??ير چيو ته تهذيبن جي وچ ۾ حقيقي مڪالمي ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي اڄ اسان کي جيتري قدر ضرورت آهي شايد ان کان پهرين ڪڏهن نه هئي. پرڏيهي و??ير چيو ته پاڪستان تحمل ۽ برداشت، هم آهنگي ?? اقليتن جي ثقافت ۽ قدرن جي احترام جي شاندار روايتن جو امين آهي، اسان جي قومي جهنڊي ۾ موجود سائو ۽ اڇو رنگ بين المذاهب هم آهنگي جي روح جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ اسان جي ??ئي?? ۾ ضمانت جي طور تي لکيل آهي. هن چيو ته پاڪستان صوفين جي ڌرتيءَ آهي جنهن انسانيت جي احترام، رحم دلي، همدردي ۽ ڀائيچاري جو پيغام هر طرف پکيڙيو. مختلف تهذيبن جي گهواري جي طور تي پاڪستان مختلف ثقافتن جو هڪ حسين اتحاد آهي، پرڏيهي و??ير چيو ته وزيراعظم جي تحمل ۽ برداشت ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي ويزن تي عمل پيرا ٿيندي، پاڪستان سک ڀائرن جي لاءِ ڪرتار پور راهداري کولي، اهڙي طرح ٻين مذهبن جي مذهبي ماڳن جي تحفظ ۽ ڏڻن جي فروغ لاءِ ڪوششون جاري آهن ۽ جاري رهنديون، پرڏييه وزير چيو ته حڪومت پاڪستان جي سوچ ۽ ڪوششون انهن پاليسين ۽ قدمن کان قطئي برعڪس آهي جنهن تي ”بي جي پي“ جي نسپل پرست حڪومت، عمل پيرا آهي. اقليتن کان عام طور تي، ڪشميرين کان خاص طور تي ناروا سلوڪ ڀارت جي سيڪيولر جمهوري ملڪ هجڻ جي دعوائن جي نفي ڪري ٿو، دنيا کي ڀارتي حڪومت کي اهو احساس ڏيارڻو پوندو ته مسلمان ۽ ٻين اقليتن سان ٿيندڙ انهي نوعيت جي و??قعن، علائقائي امن ۽ سلامتي جي لاءِ سنگين خطرا آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان مختلف مذهبن، ثقافتن ۽ تهذيبن جي وچ ۾ امن ۽ آشتي ۽ هم آهنگي جي فروغ لاءِ پنهنجون سموريون ڪوسشون استعمال ۾ آڻڻ لاءِ پرعزم آهي. ڪورونا جي عالمي و??ا، اسان سڀني جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي موقعا فراهم ڪيا آهن، انهي سان اهو شعور بيدار ٿيو آهي ته تڪرارن ۽ عدم برداشت ترڪ ڪري هم آهنگي ?? تعاون کي فروغ ڏنو وڃي جيڪو بني نوع انسان جي بقا جي ڪليد آهي. هن چيو ته اولهه اظهار راءِ جي آزادي جي غلط استعمال جي حوصلا افزائي نه ڪري ۽ نه ئي اهڙن روين کان منهن موڙيو وڃي جنهن سان ٻه ارب جي لڳ ڀڳ مسلمانن جي جذبن کي شديد تڪليف پهچي ٿي، وزيراعظم عمران خان اعلي ترين فورمز تي ان نيڪ مقصد کي پوري شدت ۽ قوت سان اجاگر ڪيو آهي، پرڏيهي و??ير اميد ظاهر ڪئي ته اسان جا عالم سڳورا ۽ مشائخ عظام، پاڪستان جي اندر ۽ سڄي دنيا ۾ بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ ۾ حڪومت جا هٿ مضبوط ڪندا.
اولهه اظهار راءِ جي آزادي جي غلط استعمال جي حوصلا افزائي نه ڪري: پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : سانتا کا سرپرائز