واشنگٽن-25 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان چيو آهي ته پاڪستاني حڪومت جڙانوالا سانحي ۾ ملوث ماڻهن کي انصاف جي ڪٽه??ي ۾ آڻڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، پاڪستاني ڪميونٽي جڙانوالا سانحي جي جي زخمن تي مرهم رکڻ ۾ مدد ڪري. هن آمريڪي رياست جارجيا جي گاديءَ و??ري هنڌ اٽلانٽا جي ??سيحي اڳواڻن سان ورچوئل اجلاس دوران چيو ته جڙانوالا ۾ 16 آگسٽ تي ٿيل واقعو اسان جي ??عاشري ۽ اسان جي ??ذهبي تعليم جي ابتڙ آهي. مذهب اسلام انسانيت جي ??اءِ امن جو درس ڏئي ٿو. هي اجلاس پاڪستاني آمريڪن فريڊز آف اٽلانٽا ٽيم طرفان منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ گلوريا جوزف، شارون فرحت، سولو مون لوڪ، جوناٿن ميسي، فليويا ڀردواج، ڊيوڊ سيسل ۽ ٻين شرڪت ڪئي. پاڪستان سفير چيو ته اسان جو معاشرو هڪ جامع معاشرو آهي ۽ رهندو. جڙانوالا سانحي جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي، 16 آگسٽ جو ڏينهن پاڪستان لاءِ ڪارو ڏينهن هو، جڏهن اسان جي ??عصوم ماڻهن کي تڪليف پهچائي وئي. چرچز ساڙيا ويا. هن نشاندهي ڪئي ته پاڪستان جي ??يادت، سول سوسائٽي ۽ سڀني مذهبي جماعتن جي سربراهن ان واقعي جي ??ذمت ڪئي آهي. پاڪستاني سفير چيو ته پاڪستاني هڪ معاشري طور گڏ رهن ٿا ۽ مسيحي برادريءَ طرفان پاڪستان جي سماجي اقتصادي ترقيءَ لاءِ تعاون اسان لاءِ فخر جوڳو آهي. هن پاڪ آمريڪن ڪميونٽيءَ کان مطالبو ڪيو ته جڙانوالا سانحي جي ??تاثرن جي ان مشڪل وقت ۾ زخمن تي مرهم رکڻ ۾ مدد ڪن. پاڪستاني سفير جڙانوالا جي ??تاثرن سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪرڻ تي شڪريو ??دا ڪيو. هن انتهاپسندي جي ??هر سان ملڪ کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪميونٽي اڳواڻن سان ڳالهين ۽ رابطي جاري رکڻ جي خاطري ڪرائي.
جڙانوالا سانحي جي متاثرن جي زخمن تي مرهم رکڻ ۾ مدد ڪريو: سفير مسعود خان جي آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي کي اپيل
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا حساب