گڏيل قومون -10 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قوم?? جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش غزه پٽي جي مڪمل گهيراءَ تي انتهائي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته غزه ۾ انساني صورتحال اڳ ئي انتهائي سنگين هئي، جيڪا وڌيڪ تيزي سان خراب ٿيندي. هن نيويارڪ ۾ گڏيل قوم?? جي هيڊ ڪوارٽر ۾ صحافين کي ٻڌايو ته هو فلسطي?? جي عوام جي جائز شڪايتن ۽ اسر??ئي?? جي سيڪيورٽي خدشن کي تسليم ڪري ٿو پر پوءِ به دهشتگردي جي ڪاررو??ئي?? ۽ شهري?? جي قتل ۽ اغوا جو جواز نه ٿ?? پيش ڪري سگجي. هن انهن حملن کي فوري طور تي بند ڪرڻ ۽ سمورن يرغمالين کي آزاد ڪرڻ لاءِ پنهنجي اپيل جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته هو غزه ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 500 کان وڌيڪ فلسطيني?? جي شهادت ۽ 3 هزار کان وڌيڪ زخمي?? جي خبر بابت انتهائي پريشان آهي. بدقسمتي سان اهو انگ وڌي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته اسر??ئي?? جون ڪارو??ئي??ن جاري آهن. هن چيو ته هو اسر??ئي?? جي جائز سيڪيورٽي خدشن کي تسليم ڪري ٿو پر اسر??ئي?? کي اهو به ياد ڏيارجي ٿو ته فوجي آپريشن دوران عالمي انساني قانون تي سختي سان ع??ل ڪيو وڃي.
مڪمل گهيراءَ بعد غزه ۾ انساني صورتحال وڌيڪ تيزي سان خراب ٿيندي: گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل
مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب