واشنگٽن- 05 نومبر (اي پي پي) آمريڪا چيو آهي ته اسرائيل کي 30 ڏينهن جي ڏنل مهلت مان 2 هفت?? گذري وڃڻ باوجود به غزه ۾ امداد جي فراهمي ??ي صورتحال گهڻي حد تائين بهتر ناهي ٿي سگهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيوملر چيو آهي ته اسرائيل ??زه تائين امداد جي فراهمي وڌائڻ لاءِ ڪجهه قدم کنيا آهن پر اڃا تائين اتي انساني امداد جي فراهمي ??ي صورتحال کي بهتر حد تائين تبديل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. آمريڪا غزه ۾ امداد جي رسائي لاءِ اسرائيل کي 30 ڏينهن جي مهلت ڏني هئي پر ٻه هفت?? گذرڻ بعد به تل ابيب طرفان خاطر خواه قدم سامهون ناهن آيا. جوبائيڊن انتظاميه هڪ خط ذريعي اسرائيل کي چيو هو ته ان وٽ غزه پٽي ۾ سنگين انساني بحران ک?? منهن ڏيڻ لاءِ 30 ڏينهن جو وقت آهي . خط ۾ مطالبو ڪيو ويو هو ته غزه ۾ روزانو 350 امدادي ٽرڪن ک?? داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وڃي. امدادي ڪارڪنن ۽ گڏيل قومن جي اهلڪارن جو چوڻ آهي ته غزه ۾ انساني صورتحال اڃا تائين ڳڻتي جوڳي آهي. ميٿوملر چيو ته اڄ تائين صورتحال ۾ نمايان تبديلي ناهي آئي. اسان ڪجهه قدم ۽ را??داري جي انگ ۾ اضافو ڏٺو آهي جيڪي کيل ??هن . پر جيڪڏهن توهان خط ۾ ڏنل سفارشن ک?? ڏسندا ته اهي پوريون نه ٿي سگهيون آهن. هن چيو ته هن وقت تائين جا نتيجا ڪجهه بهتر ناهن پر ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته 30 ڏينهن جي مهلت اڃان ناهي گذري. ياد رهي ته ڄاڻايل ??ط ۾ نيتن ياهو کي 30 ڏينهن جي مهلت ڏيندي خبردار ڪيو ويو هو ته غزه ۾ پهچايل ??مداد ۾ اضافو نه ڪرڻ جي صورت ۾ اسرائيل کي آمريڪي هٿيارن جو وڪرو بند ڪيو ويندو. يو ايس فارن اسسٽنٽ ايڪٽ 620 آءِ انهن ملڪن ک?? فوجي امداد ڏيڻ کان روڪي ٿو جيڪي آمريڪي انساني امداد جي فراهمي ۾ رڪاوٽ آهن.
غزه ۾ امداد جي فراهمي جي صورتحال ۾ گهڻي حد تائين بهتري ناهي آئي: آمريڪا
مضمون کا ماخذ : estratégias loteria وفاقی