ڪراچي – 19 جنوري (اي پي پي) پاڪ بحريه جي لاجسٽڪس ڪ??انڊ جي ايوارڊ ورهائڻ جي سالياني تقريب جمعي ڏينهن پاڪستان نيوي ڊاڪيارڊ ۾ منعقد ٿي، چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل ظفر محمود عباسي ان موقعي تي خاص مهمان هو. ايوارڊ ورهائڻ جي تقريب هر سال منعقد ڪئي ويندي آهي جنهن جو مقصد لاجسٽڪس ڪ??انڊ تحت ڪم ڪندڙ يونٽس جي مجموعي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ ۽ مختلف منصوبن جي ڪامياب تڪميل ۾ انهن جي ڪوششن کي ساراهڻ آهي. پاڪ بحريه مان جاري ڪيل بيان موجب تقريب کي خطاب ڪندي چيف آف دي نيول اسٽاف پاڪ بحريه جي لاجسٽڪس ڪ??انڊ کي پنهنجا پيشيوراڻي معاملن کي انتهائي خوش اسلوبي سان انجام ڏيڻ تي ساراهي??، هن چيو ته لاجسٽڪس ڪ??انڊ جي ان بي لوث محنت ۽ لگن جو اندازو س??ل 2017ع جي دوران پاڪ بحريه جي جهازن ۽ آبدوزن جي هڪ ئي وقت دستيابي ۽ ڪيترن ئي ملڪي ۽ غير ملڪي بحري مشقن ۾ بروقت شموليت سان چڱي ريت لڳائي سگهجي ٿو، ايڊمرل ظفر محمود عباسي چيو ته پاڪ بحريه پنهنجي حربي صلاحيت کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ سان گڏوگڏ پاڪ بحريه پنهنجي افرادي قوت کي به بهترين پيشيوراڻي تربيت فراهم ڪرڻ ۽ کين جديد ٽيڪنالاجي سان روشناس ڪر??ئڻ جي ضرورت کان به آگاهه آهي.
پاڪ بحريه سربراهه ايڊمرل ظفر محمود عباسي جو لاجسٽڪس ڪمانڊ جي ايوارڊ ورهائڻ جي سالياني تقريب کي خطاب
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک