اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنر?? انٽونيو گوئيٽريش پاڪستان جي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي عمران خان کي مبارڪباد ڏيندي ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته سندس قيادت ۾ پاڪستان ۽ گڏيل قومن جي وچ ۾ سڄي دنيا ۾ امن مشنز سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ حاصل ٿيندو، وزيراعظم پاڪستان جي نالي تي پنهنجي مبارڪباد واري خط ۾ عالمي اداري جي سيڪريٽري جنرل وزيراعظم عمران خان لاءِ پنهنج?? گرمجوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته کيس يقين آهي ته گڏيل قومن ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تعاون کي فروغ ملندو ۽ هو سيپٽمبر ۾ جنرل اسيمبلي جي 73 هين اجلاس ۾ پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان سان ملاقات جو منتظر آهي.
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل