برسلز -19 مارچ (اي پي پي) يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي سربراهه جوزف بوريل چيو آهي، ته اسرائيل غزه جي پٽي ۾ ڏڪار پيدا ڪري ر??يو آهي ۽ بک کي جنگ جي هٿيار طور استعمال ڪري ر??يو آهي. العربيه مطابق هن برسلز ۾ غزه لاءِ ان??ان?? امداد بابت هڪ ڪانفرنس جي افتتاح جي موقعي تي چيو ته غزه ۾ اسان هاڻي ڏڪار جي ويجهو نه پر ڏڪار جي حالت ۾ ??هي??ن، جنهن ۾ هزارين ماڻهو ڏڪار ۾ مبتلا آهن. هن چيو ته اهو قبولڻ جوڳو ناهي. ڏڪار کي جنگ جي هٿيار طور استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ اسرائيلي جنگ ڏڪار جو ??بب بڻجي رهي آهي. هن چيو ته غزه کي ڏڪار جو منهن ڏسڻو پئجي ر??يو آهي جيڪو قبولڻ جوڳو ناهي. هن فوري جنگ بندي جي معاهدي تي زور پڻ ڀريو. واضح رهي ته غزه جي صحت واري وزارت سومر ڏينهن هڪ بيان ۾ چيو هو ته 7 آڪٽوبر کان جاري اسرائيلي جنگ ۾ 31726 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن ۽ 73792 زخمي پڻ ٿيا آهن. وزارت وڌيڪ ٻڌايو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران اٽڪل 81 فلسطيني شهيد ۽ 116 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن.
اسرائيل غزه ۾ ڏڪار پکيڙي بک کي هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي: جوزف بوريل
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج