لنڊن -04 سيپٽمبر (اي پي پي ) برطانيا چيو آهي ته اسرائيل لاءِ ملڪي دفاعي صلاحيت ??ي خطري ۾ نه وجهنداسين. پرڏيهي خابرو اداري موجب برطانيا طرفان اسرائيل کي هٿيار ايسڪپورٽ ڪرڻ جي 350 لائسنسن مان 30 کي ملتوي ڪرڻ جي اع??ان کان پوءِ برطانوي دفاع وار?? وزير اع??ان جي وضاحت ڪئي آهي. برطانوي دفاع وار?? وزير جان هيلي طرفان هٿيارن جي لائسنس کي ملتوي ڪرڻ جي اع??ان کانپوءِ پرڏيه?? وزير ڊيوڊ ليمي چيو ته اسرائيل کي پنهنجي دفاعي صلاحيت کي ڪو به خطرو نه هوندو. واضح رهي ته برطانوي پرڏيهي آفيس طرفان وضاحت هڪ اهڙي وقت ۾ ڪئي وئي آهي جڏهن برطانوي حڪومت ان کان اڳ چ??و هيو ته اسرائيل کي هٿيارن جي ايسڪپورٽ جي 350 لائسنس مان 30 کي فوري طور ملتوي ڪرڻ جو اع??ان ڪيو آهي، ڇو جو ان ڳالهه جو خطرو آهي ته اهي هٿيار عالمي انساني قانون جي سنگين ڀڃڪڙين ۾ استعمال ٿي سگهن ٿا. ٻئي پاسي اسرائيل ج?? وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو برطانيا جي ان فيصلي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.
اسرائيل لاءِ ملڪي دفاعي صلاحيت کي خطري ۾ نه وجهنداسين: برطانيا
مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش