دمشق-11 سيپٽمبر (اي پي پي ) شام جي گادي واري شهر دمشق ۾ سعودي عرب جو ??فارت خانو 12 سالن کانپوءِ ٻيهر کلي ويو آهي. عرب نيوز موجب سفارتخاني جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته ??قر??ب ۾ شام جي حڪومت جي عهديدارن، سفارتڪارن، اهم شخصيتن ۽ اسڪالرز شرڪت ڪئي. سفارتخاني جي وقتي ناظم عبدالله ا??حا??ث ان موقعي تي چيو ته اهو ڏينهن سعودي عرب ۽ شام وچ ۾ ناتن جي تاريخ جو ??هم لمحو آهي. سندس چوڻ هيو ته سفارتخانو ۽ ان جو ??ملو ٻنهي ملڪن وچ ۾ ناتن کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ سموريون ڪوششون استعمال ڪرڻ جو ??واهشمند آهي. ياد رهي ته سعودي عرب شام ۾ پنهنجو ??فارتخانو بند ڪري ڇڏيو هو، سال 2011ع ۾ گهرو ويڙهه شروع ٿيڻ جي هڪ سال کان پوءِ مارچ 2012ع ۾ پنهنجي سموري عملي کي واپس گهرائي ورتو هو. شام گذريل سال رياض ۾ پنهنجو ??فارتخانو ٻيهر کوليو هو. 6 ڊسمبر تي سعودي عرب لاءِ ڊاڪٽر محمد ايمن سوسان کي سفير مقرر ڪيو هو. هن 24 ڊسمبر تي پنهنجون سندون سعودي حڪومت کي پيش ڪيون هيون.
شام ۾ سعودي سفارت خانو ٻارهن سالن بعد ٻيهر کلي ويو
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔