مڪو شريف- 02 جون (اي پي پي)سعودي عرب جي اسلامي معاملن واري وزير شيخ ڊاڪٽر عبداللطيف آل الشيخ چيو آهي ته حاجي سڳورن جي خدمتن ۾ ڪوتاهي ڪندڙ ڪنهن به اهلڪار سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي. سعودي اخبار موجب هن منيٰ، مزدلفه ۽ عرفات جي دوري جي موقعي تي ??اري بيان ۾ چ??و ته حج سيزن دوران سمورن اهلڪارن جي ڪارڪردگي تي نظر رکڻ لاءِ نگران ٽيمون مقرر ڪيون ويون آهن جيڪي 24 ڪلاڪ ڊيوٽي تي ??هن ۽ آخري حاجي جي روانگي تائين نگراني جاري رکي ويندي. هن پنهنجي دوري جي شروعات عرفات جي مسجد نمره، اتان کان وزارت جي صدر آفيس ۽ دعوڪيبنز کان ڪيو، هن مزدلفه ۾ مسجد المشعر الحرام جا انتظام ڏٺا، هن منيٰ ۾ مسجد الخيف جو به دورو ڪيو. هن چ??و ته مڪي شريف ۾ اصلاح ۽ مرمت جو ڪم 100 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي. اسلامي معاملن واري وزير چ??و ته اسان جي وزارت حاجين کي انهن جي پنهنجي ٻولي ۾ دين ۽ حج معاملن بابت آگاهي فراهم ڪرڻ لاءِ ٻيڻي تعداد ۾ مبلغ ۽ ترجمو ڪندڙ مقرر ڪيا آهن جنهن ۾ عورتون به شامل آهن. وزارت ٽيليفون ذريعي 32 ملين ??گاهي پروگرامن جي به منظوري ڏني جڏهن ته ايس ايم ايس ذريعي به دعوتي پيغام ڏنا پيا وڃن.
حاجي سڳورن جي خدمتن ۾ ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي: اسلامي معاملن وارو وزير
مضمون کا ماخذ : sorteos da loteria