مڪو شريف- 23 جون (اي پي پي) حج جي فرض جي ا??ائ??گي لاءِ سڄي دنيا مان آيل ??اج?? سڳورن مديني شريف ۽ مڪي شريف ۾ سعودي حڪومت طرفان فراهم ڪيل رهائش، کاڌي پيتي ۽ سفر جي بهترين سهولتن کي ساراهيو آهي. هلندڙ سال 1444هه ۾ پاڪستان سميت مختلف ملڪن مان 30 لک کان وڌيڪ حج جو فرض ادا ڪندا. سعودي حڪومت جي جنرل ڊائريڪٽوريٽ آف پاسپورٽ مو??ب خميس تائين 14 لک کان وڌيڪ حج پانڌيئڙا فضائي، بري ۽ بحري رستن ذريعي ڀلي پار پهچي چڪا آهن، پاڪستان کان اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ کان روٽ ٽو مڪه پراجيڪٽ تحت 26 هزار ک??ن وڌيڪ حج پانڌيئڙا ڀلي پار پهتا آهن جنهن کي سعودي عرب جي حڪومت ?? پاڪستان وچ ۾ ٿيل معاهدي تحت اميگريشن سميت ٻين سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويو آهي. سعودي حڪومت روٽ ٽو مڪه پراجيڪٽ تحت مختلف ملڪن جي حج پانڌيئڙن کي به سهولتون ۽ سهڪار فراهم ڪيو آهي، جنهن سان کين ڀلي پار پهچڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڏکيائي پيش نه آئي. ??اج?? سڳورن سعودي عرب جي فرمانروا ۽ خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ وزيراعظم ۽ ولي عهد شهزاد محمد بن سلمان طرفان ??اج??ن جي ميزباني ۽ کين سهولتون فراهم ڪرڻ کي ڀرپور انداز ۾ ساراهيو ۽ خراج تحسين پيش ڪيو آهي جنهن سبب ??اج?? سڳورن کي مديني شريف ۽ مڪي شريف ۾ هر قسم جو سهڪار، رهنمائي جي سهولت مهيا ڪئي پئي وڃي. .
حاجي سڳورن پاران بهترين انتظامن تي شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ شهزاد محمد بن سلمان سان ٿورن جو اظهار
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات