رياض- 14 فيبروري (اي پي پي) سعودي عرب جي اتر پاسي ريجن ۾ ايندڙ هفتي سيف السلام 12 عسڪري مشقن جي شروعات ٿيندي اردو نيوز موجب مشقن ۾ هٿيار بند فوج گهرو وزير ، نيشنل گارڊ ۽ مختلف سيڪورٽي ادارن جا دستا حص?? وٺندا ان حوالي سان گڏيل مشقن جي ترجمان ڪيپٽن علي بن حسن آل علي چيو ته مشقن جو مقصد عسڪري تربيت ۽ جنگي استعداد ڪار کي وڌائڻ آهي مشقن ۾ شريڪ ختلف ادارن جا دستن کي هٿيار بند فوج گڏيل ڪاروائين جي ٽريننگ به ڏني ويندي آل علي واضح ڪيو ته مشقن ۾ بري ، بحري ۽ هوائي آپريشنز جي تربيت ڏ??ي ويندي آهي جڏهن ته انٽيليجنس ، ڪانٽر انٽيليجنس ، ڪمانڊ اين?? ڪنٽرول ۽ سائبر ڪاروائين سان مقابلي جي به مشق ڪئي ويندي هن وڌيڪ چيو ته سيف السلام مشقون مختلف مرحلن تي ٻڌل آهي پهريون مرحلو عسڪري ڪاروائين جي تياري لاءِ مخصوص هوندو ٻئين مرحلي م منصوبا بندي ۽ ڪ??ٽر??ل روم جي ٽريننگ شامل هوندي جڏهن ته آخري مرحلي ۾ سمورا دستا گڏيل فيلڊ آپريشن ۾ حص?? وٺڻ جي مشق ڪندا.
سعودي عرب ، سيف اسلام 12 عسڪري مشقن جي شروعات ايندڙ هفتي ٿيندي
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج