گڏيل قومون – 31 آڪٽوبر(اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل اسرائيل طرفان فلسطيني پناهگيرن لاءِ ??ڏيل قومن جي رل??ف اينڊ ورڪس ايجنسي (يو اين آر ڊبليو اي) تي پابندي لڳائڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي اسرائيل تي زور ڀريو آهي ته عالمي ذميوارين جي پابندي ڪري . پرڏيهي ميڊيا مطابق سلامتي ڪائونسل گذريل ڏينهن جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ اسرائيل تي زور ڀريو آهي ته هو گڏيل قومن جي رل??ف اينڊ ورڪس ايجنسي (يو اين آر ڊبليو اي ) کي مليل حقن ۽ ڇوٽ واري حيثيت جو احترام ڪري. عالمي اداري چيو ته سمورين ڌرين کي گهرجي ته اهي يو اين آ?? دبليو اي کي ان جي مينڊيٽ مطابق سمورن لاڳاپيل علائقن ۾ ڪم ڪرڻ ڏين ڇو ته اها رل??ف ايجنسي جنگ سٽيل غزه ۾ انساني بن??اد?? تي ڪم جي حوالي سان ڪرنگهي جي حيثيت رکي ٿي . سلامتي ڪائونسل چيو آهي ته ڪو به ٻيو ادارو انساني بن??اد?? تي ڪم ڪرڻ لاءِ يو اين آر ڊبليو اي جي متبادل نٿو ٿي سگهي . يو اين آر ڊبليو اي جو پناهگيرن جي مد?? لاءِ مينڊيٽ ۽ ان جي اهليت سڀني ادارن تي حاوي آهي . ان اداري جي امداد زندگين کي بچائيندڙ آهي . واضح رهي ته يو اين آر ڊبليو غزه ۽ اولهه ڪناري ۾ بي گهر فلسطينين جي انساني بن??اد?? تي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ سڀ کان اهم ادارو آهي.
سلامتي ڪائونسل پاران فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي اداري تي اسرائيلي پابندي جي قدم تي ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ