سيئول-11 ڊسمبر (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا پو??يس جي خاص جاچ ٽيم يونٽ چيو آهي ته هن صدر يون سوڪ يول جي آفيس تي ڇاپو هنيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب گذريل هفتي صدر يون سوڪ يول ملڪ ۾ مارشل لا لڳايو هو، جڏهن ته مخالف ڌر پاران مخالفت جي ڪجهه ڪلاڪن اندر مارشل لا ختم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو. پو??يس موجب خاص جاچ ٽيم صدارتي آفيس، نيشنل پو??يس ايجنسي، سيئول ميٽرو پوليٽ?? پو??يس ايجنسي ۽ نيشنل اسيمبلي سيڪيورٽي سروس جي آفيس تي ڇاپو هنيو. مارشل لا لڳائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندڙ صدر يون سوڪ يول تي اڳ ئي پرڏيهه سف?? تي پابندي لڳائي وئي آهي. پو??يس گذريل ڏينهن اختيارن جي غلط استعمال جي الزام ۾ اڳوڻي دفاع واري وزير ڪم يونگ هيون کي گرفتار ڪيو هو. خابرو ادار?? موجب ڪم يونگ هيون گرفتار جي ڪجهه ڪلاڪن کان اڳ آپگهات جي ڪوشش ڪئي. سيئول سينٽرل ڊسٽرڪٽ ڪورٽ جي ترجمان ٻڌايو ته دفاع واري وزير کي گرفتار ڪيو ??يو آهي، ڇاڪاڻ ته ان ڳالهه جو خدشو هو ته ثبوتن کي ضايع ڪري سگهي پيو. دفاع واري وزير پنهجي وڪيل ذريعي چيو آهي ته سموري صورتحال جي ذميوراي صرف ان تي آهي ۽ ماتحت ملازم سندس حڪمن تي عملدرآمد ڪري رهيا هئا. گرفتار ڪيل دفاع واري وزير، مارشل لا آپريشن جي انچارج ۽ اڳوڻي گهرو وزي?? تي پڻ سفري پابندي لڳائي وئي آهي. ڪورين نيشنل پو??يس ايجنسي جي ڪمشنر جنرل ۽ سيئول ميٽرو پوليٽي?? پو??يس ايجنسي جي سربراهه کي پڻ گرفتار ڪيو ??يو آهي.
ڏکڻ ڪورين صدر جي آفيس تي پوليس جو ڇاپو، دفاع واري اڳوڻي وزير پاران آپگهات جي ڪوشش
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس