اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيءَ جا لاڳاپا دوستي کان وڌي ڀائراڻا آهن ۽ اهي لاڳاپا مسلمان امت ۽ انسانيت جي بهتري جو سبب بڻجندا. هن اها ڳالهه ترڪ م??هبي معاملن جي وفد سان ملاقات دوران چئي جنهن پروفيسر ڊاڪٽر محمت گورمز جي سربراهي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير سردار محمد يوسف ۽ ترڪ سفير بابر گورگن پڻ موجود هئا. صدر چيو ته وفدن جي مسلسل مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ م??بوط ٿيندا. هن چيو ته اسان امام حاطب اسڪول سسٽم قائم ڪرڻ جي تجويز کي ??ار??هيون ٿا ۽ ترڪيءَ ۾ اسلامي يونيور??ٽي جي طرز تي قائم ٿيندڙ يونيور??ٽي سان ٻنهي يونيورسٽين جي وچ ۾ تعاون وڌايو ويندو.
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب