ڪوئيٽا – 02 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف بلوچستان ۾ بجلي، گئس ۽ ان??راسٽرڪچر جي اربين رپين جي ماليت جي ترقياتي منصوبن جو افتتاح ??يو. وزيراعظم مختلف منصوبن جي تختي جي نقاب ڪشائي ڪئي. ان موقعي تي بلوچستان جو گورنر محمد خان اچڪزئي، وڏو وزير ثناءُ ا??له زهري، وفاقي ۽ صوبائي وزير، پارليامينٽ ميمبر ۽ سينيئر عملدار پن موجود هئا. وزيراعظم 220 ڪي وي خضدار گرڊ اسٽيشن ۽ 274 ڪلوميٽر خضدار – دادو ٽرانسميشن لائين جو افتتاح ??يو جيڪا 7.35 ارب رپين جي لاڳت سان مڪمل ٿيندي. هن 227 ڪلوميٽر ڊگ??ي لورالائي – ڊي جي خان بجلي ٽرانسميشن لائين جو پڻ افتتاح ??يو جنهن تي 2.731 ارب رپين جي لاڳت ايندي. ان??ن منصوبن جو مقصد بجلي جي طلب گهٽ ڪرڻ، وولٽيج ۾ بهتري آڻڻ ۽ ماڻهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ آهي.
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے