اسلام آباد – 14 نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وز??ر مريم اورنگزيب چيو آهي ته پوري پاڪستاني قوم ملڪ جي دفاع لاءِ هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل آهي. ڀمبر ۾ ڪنٽرول لائين تي ڀارتي جارحيت ۾ 7 پاڪستاني فوجين جي شهادت جي واقعي تي نجي ٽي وي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن ڪنٽرول لائين تي ڀارت جي هروڀرو جي فائرنگ جي شديد مذمت ڪئي ۽ چيو ته ملڪ جي دفاع لاءِ سڄي قوم هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل آهي، شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪندي مملڪتي وز??ر چيو ته وطن جي دفاع لاءِ جانين جو نذرانو ڏيندڙ قومي هيروز کي سڄي قوم سلام پيش ڪري ٿي.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ