لاهور – 23 سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم ??مران خان چيو آهي ته اس??ن جي ايجنڊا پاڪستان جي ايجنڊا آهي، ملڪ مشڪل دور مان گذري رهيو آهي، پاڪستان کي واپاري ۽ مالياتي خسارو درپيش آهي جڏهن ته ملڪ جا وڏا ادارا به خساري ۾ وڃي رهيا آهن، قومن تي مشڪل وقت ايندو رهندو آهي پر اه?? ئي ملڪ ترقي ڪندو آهي جتي حڪومت جو نظام بهتر هجي، ڪنهن به ملڪ جي ترقي جي لاءِ حڪومتي نظام جو بهتر هجڻ ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور ۾ سرڪاري ملازمن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن سنگاپور ۽ سوئيٽزرلينڊ جو مثال ڏيندي چيو ته انهن ملڪن گورننس جي معيار جي بهتري سان ترقي ڪئي. وز??راعظم ??وبائي بيوروڪريسي کي هدايت ڪئي ته اه?? پنهنجا دروازا عام ماڻهن جي لاءِ کولين ته جيئن انهن جا مسئلا حل ٿي سگهن. هن پوليس جي ضلعي سربراهن کي هدايت ڪئي ته ٿاڻن جي باقاعده مانيٽرنگ ڪئي وڃي ته جيئن غريب ماڻهو تي ٿيندڙ ظلم ختم ٿي سگهي ۽ انهن کي انصاف ملي.
اسان جي ايجنڊا پاڪستان جي ايجنڊا آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل