اسلام آباد – 04 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته 2018ع جي عام چونڊن ۾ پي ٽي آءِ کي احتساب جي نالي تي ووٽ مليا، هر ڪرپٽ عنصر جو بنا فرق جي احتساب ڪيو ويندو، وزيراعظم عمران خان جو به اهو ئي موقف آهي ته سڀني جو احتساب ٿيندو ۽ اسان جو ووٽر به ڪرپشن ڪندڙن جو احتساب چاهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن مختلف نجي ٽي وي چينلز سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر مشاهد الله خان سميت سندس 6 ڀائي ۽ ڪزن پي آءِ اي ۾ ڀرتي ٿيا جيڪا مڪمل طور تي سياسي ڀرتي آهي ۽ کين ترقيون به سياسي بنيادن تي ڏنيون ويون، مون ان جو ڪيس ايف آءِ اي کي موڪلي ڇڏيو آ??ي، مشاهد الله جو هڪ ڀاءُ لنڊن، هڪ نيويارڪ ۽ هڪ پيرس ۾ اسٽيشن مينيجر آ??ي، هن چيو ته مشاهد الله جو هڪ ڀاءُ آمريڪ?? ۾ ??ي آءِ اي جي فلائيٽس بند ڪرائي آيو، هي ان جي ڪارڪردگي آ??ي، هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت گذريل حڪومتن جي طرح نه هلندي ۽ هر ڪرپٽ عنصر جو احتساب ڪندي ۽ چور کي ان جي گهر تائين پهچايو ويندو ڇو ته اسان انهي بنياد تي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري آيا آهيون ۽ ماڻهو اسان مان اميد به رکن ٿا ته اسان چور کي بي نقاب ڪريون ۽ هر هڪ جو احتساب ڪريون.
2018ع جي عام چونڊن ۾ پي ٽي آءِ کي احتساب جي نالي تي ووٽ مليا: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados