بيجنگ_ 01 مارچ(اي پي پي) ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي مرڪزي ڪميٽي جي پارٽي اسڪول جي قيام جي نائين سالگره ۽ 2023 اسپرنگ سيمسٽر جي افتتاحي تقريب بيجنگ ۾ منعقد ٿي، ان موقعي تي چين جي صدر شي جن پنگ تقريب کي خطاب ڪن??ي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پارٽي اسڪول جو بنيادي مقصد پارٽي لاءِ باصلاحيت ماڻهن جي تياري ۽ تجويزن جي فراهمي آهي، هن چيو ته پارٽي جي اعليٰ سطح جي ڪارڪنن کي پنهنجن شعبن ۾ ماهر بڻجڻ گهرجي، پارٽي اسڪولن کي پارٽي ۽ ملڪ جي اهم حڪمت عملي جي تقاضن موجب پيشوراڻين صلاحيتن جي عملي تربيت تي زور ڏيڻو پوندو ته جئين اعلي سطح جي ڪارڪنن جو ملڪ کي بهتر ا??داز ۾ ترقي ڏيڻ ، عوام لاءِ بهتر خدمتون سرانجام ڏيڻ ۽ خطرن تي ضابطي واري معيار کي بهتر بڻائي سگهجي.
مضمون کا ماخذ : como apostar na loteria