سيئول – 14 مارچ (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا ۾ سامونڊي ڪناري ويجهو مهاڻن جي ٻيڙي ٻڏڻ سبب 3 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ هڪ گم ٿي ويو. شنهوا ڏکڻ ڪوريا جي يونه??پ نيوز ايجنسي جي حوالي سان ٻڌايو ته گذريل ڏينهن 139 ٽن وزني ٽرالر گادي واري شهر کان اٽڪل 330 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ ٽونگيونگ شهر جي هڪ ٻيٽ ۾ ٻڏي ويو. جنهن ۾ عملي جا 11 ڪارڪن سوار هئا جن ۾ 4 ڏکڻ ڪوريائي، 6 انڊونيشيا ۽ هڪ جو تعلق ويتنام سان هو. ڪوسٽ گارڊ واقعي جو اطلاع ملندي ئي واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ عملي جي 10 ڪارڪنن کي ڪوسٽ گارڊ ۽ ويجهن ٻيڙين بچائي ورتو پر هڪ ڪ??تا?? سميت 3 ڏکڻ ڪوريائي شهرين کي بيهوشي جي حالت ۾ اس??تا?? منتقل ڪيو ويو جتي هو اجل جو شڪار ٿي ويا جڏهن ت?? ڏکڻ ڪوريا جو هڪ ملاح ??م ٿي ويو. گم ٿيل شخص جي ڳولا لاءِ ڪاروائيون جاري آهن جنهن ۾ 16 ٻيڙيون، ٻه بحريا جا ج??از ۽ ٽي هوائي ج??از حصو وٺي رهيا آهن.
ڏکڻ ڪوريا ۾ مهاڻن جي ٻيڙي ٻڏڻ سبب 3 ڄڻا اجل جو شڪار، هڪ گم
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ