عمان – 26 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن جي س??ڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش چيو آهي، ته فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي رليف اينڊ ??رڪس ايجنسي انروا سان سهڪار جاري رکيو ويندو. سيڪريٽري جنرل انروا تي لڳاتار اسرائيلي الزامن ۽ حملن کان پوءِ ??ن اداري جي حوالي س??ن اردن جي گادي واري هنڌ عمان ۾ پريس ڪانفرنس ۾ انهن ملڪن کان مطالبو ڪيو جن انروا جي فنڊنگ روڪڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته هو پنهنجي موقف کان پوئتي هٽي وڃن. هن عمان ۾ واقع وحدت مهاجر ڪيمپ جو دورو پڻ ڪيو. عالمي اداري جي سربراهه چيو ته انروا نهايت ڏکين حالتن ۾ ڪم ڪري رهي آهي. هن جو چوڻ هو ته امدادي اداري خلاف الزامن جي جاچ جاري آهي ۽ انروا جي مالي س??ڪار بند ڪرڻ وارن ڪجهه ملڪن پنهنجو فيصلو تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪجهه ملڪ جاچ نتيجن جا منتظر آهن. هن چيو ته اسان کي اميد آهي ته انروا کي ٻيهر مالي س??ڪار فراهم ڪرڻ شروع ڪيو وڃي. هن چيو ته ايجنسي غزه ۾ شهرين جي زندگي مهيا ڪرڻ جو هڪ اهم رستو آهي ۽ اس??ن ان کي مضبوط بڻائڻ جون ڪوششون جاري رکنداسين.
انروا سان سهڪار جاري رکيو ويندو: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : loteria estadual