باڪو-12 نومبر (اي پي پي) گڏيل عرب امارتن جي صدر شيخ محمد بن ??اي?? النهيان گذريل ڏينهن ڪوپ-29 ورلڊ ليڊرز ڪلائمينٽ ايڪشن ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ مستقبل لاءِ مضبوط موسمياتي معيشت جي تعمير ۾ مدد لاءِ گڏيل عرب امارتن جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. گڏيل عرب امارتن جي خابرو اداري موجب ڪوپ-29 موسمياتي عالمي سربراهي ڪانفرنس ۾ پنهنجي شرڪت جي موقعي تي شيخ محمد بن ??اي?? ماحولياتي تحفظ ۽ـ پائيدار ترقيءَ جي اصولن لاءِ گڏيل عربن امارتن جي گهري پاڙن واري ميراث ۽ عزم کي اجاگر ڪيو. هن ??ن ڳا??هه تي روشني وڌي ته ان ??ڳن سبب گڏيل عرب امارتن گذريل سال ڪوپ-28 جي ميزباني ڪئي جنهن ??وران ??لڪ پيرس معاهدي جي هدفن کي حاصل ۾ اڳڀرائيءَ جو جائزو وٺڻ لاءِ پهرين گلوبل اسٽاڪ ٽيڪ جو اثرائتو جواب فراهم ڪرڻ لاءِ عالمي سهڪار جي حمايت ڪئي. هن چيو ته موسمياتي ايڪشن تي جاري تعميري عالمي سهڪار پائيدار اقتصادي ۽ سماجي ترقي جي هڪ نئين دؤر جي راهه هموار ڪري سگهي ٿو، جنهن ??ان سمورين قومن کي فائدو ٿئي. هن موسمياتي ايڪشن کي بار بجاءِ ترقيءَ جي هڪ منفرد موقعي تي طور پيش ڪيو ۽ اهو نوٽ ڪيو ته ڪوپ-28 ۾ پيش ڪيل تاريخي گڏيل عرب امارتن جو اتفاق راءِ توانائي جي شعبي ۾ هڪ منظم، ذميدار، منصفاڻو ۽ عقلي منتقلي کي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ گڏيل عالمي عزم جي تصديق ڪري ٿو. ان ??عاهدي پيرس معاهدي جي عزمن کي پورو ڪرڻ لاءِ هڪ روڊ ميپ به فراهم ڪيو ۽ گذريل مالياتي وعدن لاءِ وابستگي ۽ سڀ کان ??ڌيڪ ڪمزور قومن ۽ ڪميونٽيز لاءِ موسمياتي فنڊنگ کي متحرڪ ڪرڻ جي ڪوششن ذريعي گهڻ رُخي نظام ۾ اعتماد بحال ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو. هن ??مورين ڌُرين کان ??طالبو ڪيو ته هو تقسيم تي گڏيل تفهيم کي ترجيح ڏين ۽ ان ڳا??هه تي زور ڀريو ته هاڻي اجتماعي مشن انسانيت جي بهتريءَ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ آهي. ڪوپ-29 آمد تي شيخ ??اي?? جو استقبال آذربائيجان جي صدر الهام علي يوف ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوٽيرش ڪيو. هن ڪيترن ئي وفدن جي سربراهن ??ان دوستاڻي ڳا??هه ٻولهه ۾ به حصو ورت??. ص??ر سان گڏ گڏيل عرب امارتن جي وفد عالمي اڳواڻن جي موسمياتي ايڪشن سربراهي اجلاس جي افتتاحي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. آذربائيجان جي صدارت ۾ ڪوپ-29 موسمياتي ڪانفرنس جي ميزباني باڪو ۾ 11 کان 22 نومبر تائين ”هڪ سبز دنيا لاءِ گڏ“ جي عنوان تحت جاري آهي.
گڏيل عرب امارتن جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان جي ڪوپ-29 ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس ۾ شرڪت
مضمون کا ماخذ : estatisticas dupla sena