گڏيل قومون -07 نومبر (اي پي پي) اسرائيل فلسطين تڪرار کي حل ڪرڻ جي حوالي سان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو ا??لاس سڀاڻي 9 نومبر تي ٿيندو. روس جي خابرو ا??اري مطابق گڏيل قومن ۾ گڏيل عرب امارات جي مستقل نمائندي ?? سفير چيو آهي، ته هن اجلاس ۾ (جنهن جي صدارت چين ڪري رهيو آهي) سلامتي ڪائونسل جا سمورا 15 ميمبر وچ اوڀر جي تڪرار جي حل جي دستاويزن تي مشاورت ۾ حصو وٺندا جن کي تنظيم جي 10 غير مستقل ميمبر ملڪن تجويز ڪيو هو. واضح ??هي ته گذريل مهيني گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل فلسطين اسرائيل تڪرار تي ٺهراءَ جي 4 مسودن مان ڪنهن کي به منظور ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي 10 غير مستقل ميمبرن پنهنجي دستاويز جو مسودو تيار ڪيو آهي، جنهن ۾ اڳوڻن ٺهر??ئن جي مسودن جي شقن کي شامل ڪرڻ جي اميد آهي. واضح ??هي ته 7 آڪٽوبر کان جاري حماس اسرائيل جن ۾ 9 هزار کان و??يڪ فلسطيني شهيد ۽ هزارين زخمي ٿي چڪا آهن جنهن ۾ وڏي اڪثريت معصوم ٻارڙن ۽ عورتن جي آهي.
اسرائيل فلسطين تڪرار بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس سڀاڻي ٿيندو
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن مفت