روم – 03 آڪٽوبر (اي پي پي) جي سيون ملڪن جي اڳواڻن وچ اوڀر جي امن ام??ن جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي تڪرار جي سفارتي حل لاءِ زور ڀريو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اسرائيل تي اير??ن جي حملي کان پوءِ سڏايل جي سيون ملڪن جي اڳواڻن جو اجلاس ??ٽل?? جي وزيراعظم جيوجيا ميلوني جي ميزباني ۾ ٿيو. گروپ سيون طرف??ن جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته مسئلي جو سفارتي حل اڃان به ممڪن آهي ۽ تڪرار ڪنهن جي به مفاد ۾ نه هوندو. گروپ – 7 جي خيال ۾ ان سان علائقي ۾ جنگي خطرو ۽ خوف وڌي ويو آهي. ??ٽل?? طرف??ن جاري بيان مطابق سمورن اڳواڻن ايراني ميزائل حملي جي مذمت ڪئي آهي. اسرائيل تي هن وقت تائين جو اهو اير??ن جو سڀ کان وڏو حملو هو. گروپ اڳواڻن جنگي خطرو گهٽائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي زور ڀريو آهي. گروپ -07 غزه جي سلسلي ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءُ 2735 تحت مرحليوار جنگ بندي ۽ لبنان اسرائيل سرحدي ا??ن لاءِ ٺهراءُ 1701 جنهن کي 2006ع ۾ منظور ڪيو ويو هو موجب ئي اڳتي وڌڻ ۽ عمل ۾ آڻڻ جو چيو آهي. ياد رهي ته گروپ جي سيون ملڪن ۾ آمريڪا، ڪئناڊا، برطانيا، فرانس، جرمني، جاپان ۽ ??ٽل?? شامل آهن. گروپ سيون جي اجلاس جي صدارت هن وقت ??ٽل?? وٽ آهي.
جنگ ڪنهن جي مفاد ۾ ناهي، وچ اوڀر جو تڪرار سفارتڪاري سان حل ڪيو وڃي: جي سيون ملڪ
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ