مظفر آباد – 05 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته اسان نئون پاڪستان تعمير ڪري رهيا ??هيون، ملڪ کي انڌيرن مان ڪڍي روشنين ۾ وٺي وڃي رهيا ??هيون، ايندڙ ڪجهه سالن ۾ پاڪستان معاشي قوت بڻجي اڀرندو، مخالف اکيون کولين ڪبوتر وانگر اکيون بند نه ڪن، هاڻي هر مهيني نئين پاور پراجيڪٽس جو افتتاح ٿي رهيو آهي. 969 ميگاواٽ جي نيلم جهلم پن بجلي م??صوبي جي سرنگهه جي کوٽائي جو ڪم مڪمل ٿيڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اسان 2013ع ۾ اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ توانائي سميت ملڪ کي درپيش ٻين چئلينجن تي ضابطو آڻڻ لاءِ تيزي سان ڪوششن جو آغاز ڪيو ۽ نيلم جهلم پاور پراجيڪٽ جيڪو مشڪلاتن جو شڪار هو ان تي ڌيان ڏ??و. هن چيو ته مخالف روز ٽي وي تي اچي الزام تراشي ۽ گاريون ڏ??ندا آهن، جيتوڻيڪ انهن ئي ماڻهن قوم کي عذاب ۾ مبتلا ڪيو، اسان سنجيدگي سان ترقياتي ڪم شروع ڪيا، پهرين 18، 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿيندي هئي ۽ صنعتون بند هيون، اڄ صنعتن کي وڏي م??دار ۾ بجلي ۽ گئس ملي رهي آهي، اسان ڪم ڪيو مخالفن جي گندي زبان جو جواب نه ڏنو.
اسان نئون پاڪستان تعمير ڪري رهيا آهيون: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania