اسلام آباد – 20 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ??زيراعظم محمد نواز شريف آءِ سي سي چيئمپنز ٽرافي ۾ شاندار ڪاميابي تي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هر رانديگر کي هڪ ڪروڙ ??وپيا روڪ انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. پاڪستاني ٽ??م چيئمپين بڻجي پوري قوم جو سر فخر سان بلند ڪري ڇڏيو آهي. هڪ بيان ۾ هن چيو ته ??ومي ٽ??م بيٽنگ، بالنگ، فيلڊنگ ۽ هر شعبي ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهر ڪيو. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته بهترين ڪارڪردگي تي قومي ٽ??م پذيرائي جي مستحق آهي، هن چيو ته ??وجوان رانديگرن جي حوصلا افزائي ملڪ ۾ راندين جي فروغ لاءِ مددگار ثابت ٿيندي.
مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش