اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته اها والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مظلوم ڪشميرين جي بنيادي انساني حقن جي احترام ۽ آزادي کي يقيني بڻائي ۽ ڀارت جي غيرذميواراڻن قدمن جي ڪري امن ۽ سلامتي کي خطرن کي روڪڻ ۾ پنهنجو ڪ??دار ادا ڪري، 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارتي حڪومت پاران انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي انگ ۽ ان جي شدت ۾ اضافو ٿيو آهي، نام نهاد وڏي جمهوريت هجڻ جو دعويدار ڀارت جو اصل چهرو مڪمل طور تي بي نقاب ??ي چڪو آهي. ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهن??ي هڪ پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هن سال ڪشمير جو ڪ??رو ڏينهن جيڪو پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ملهايو پيو وڃي، ماضي جي ڀيٽ ۾ مختلف ۽ نمايان آهي، 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت عالمي قانونن جي خلاف ورزي ڪ??دي ڄمون ۽ ڪشمير تي قبضو ڪيو ۽ 5 آگسٽ 2019ع تي وڌيڪ هڪ طرفن قدمن ذريعي اڳ ۾ ئي تڪراري علائقي جي حيثيت ۾ ترميمون ڪ??دي آبادياتي ڍانچي ۽ سڃاڻپ کي تبديل ڪري ڇڏيو.
عالمي برادري ڪشميرين جي انساني حقن جي احترام کي يقيني بڻائي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت