اسلام آباد – 16 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته بلاول ڀٽو پنهنجي نا??ائ??ي ۽ نااهلي جو ملبو ٻين تي نه وجهي، توهان ايترا اڻڄاڻ آهيو جو خبر ئي نه آهي ته توهان جي پنهنجي صوبي ۾ 2 هزار 25 ملين ڪيوبڪ فٽ گئس پيدا ٿئي ٿي، ان ۾ 1784 ملين ڪيوبڪ فٽ سنڌ استعمال ڪري ٿي جڏهن ته 200 ملين ڪيوبڪ فٽ پاور ۽ فرٽي??ائ??زر پلانٽس کي ڏني وڃي ٿي، رڳو 110 ملين ڪيوبڪ فٽ سنڌ کان ٻاهر وڃي ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز بلاول ڀٽو جي پريس ڪانفرنس تي پنهنجي ردعمل ۾ چيو ته غريبن ۽ مزدورن جي حقن جو راڳ آلاپيندڙن پينشنرز کي نه بخشيو. توهان جي وڏي وزير جي ماتحت ناڻي کاتي ۾ سوا 2 ارب جو فراڊ پينشنرز فنڊ ۾ سامهون آيو. جعلي پينشنرز ۽ جع??ي اڪائونٽ ٺاهيا ويا.
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل