اسلام آباد – 04 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فوا?? حسين سيالڪوٽ واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چ??و آ??ي ته ڪالهه کان سوچي رهيو هئس ته سيالڪوٽ واقعي تي ڇا لکان، لفظ ته بي عمل ٿي ويا آهن، اهڙا واقعا رڳو 48 ڪلاڪن ۾ اسان کي تڪليف ڏين ٿا، پوءِ سڀ نارمل ٿي وڃي ٿو ۽ ايستائين احساس دفن رهي ٿو جيستائين اڳيون واقعو نه ٿئي، اها بي حسي وڏي طوفان جي اڳڪٿي آهي. پن??نجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان جي آڏو ملڪن ۾ رت جا درياءَ وهي ويا، اسان معاشري ۾ ٽائم بم لڳائي ڇڏيا آهن، انهن بمن کي ناڪاره نه بڻايو ته اهي ڦاٽندا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وقت واريءَ وانگر هٿن مان نڪري ره??و آ??ي تمام گهڻو ڌيان گهرجي تمام گهڻو ڌيان.
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ