اسلام آباد – 04 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سپريم ??ورٽ جي پنج رڪني بينچ بي اعتمادي رٿ کي بنا ووٽنگ جي رد ڪرڻ تي پيدا ٿيندڙ صورتحال تي ورتل نوٽيس ڪيس کي ٻڌي رهي آهي، فل ڪورٽ جوڙڻ جو معاملو چيف جسٽس جو اختي??ر آهي. سپريم ??ورٽ ٻاهران صح??في?? سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته مخالف ڌر جي ڪجهه ميمبرن اعتراض ڪيو ته کين فل ڪورٽ بينچ گهرجي، اهو چيف جسٽس جو اختي??ر آهي ته فل ڪورٽ جوڙڻي آهي يا نه، هن چيو ته سپريم ??ورٽ جو پنج رڪني بينچ عدم اعتماد کي بنا ووٽنگ رد ڪرڻ تي پيدا ٿيندڙ سياسي صورتحال تي ورتل نوٽيس ڪيس کي ٻڌي رهي آهي ته سپريم ??ورٽ ان ڪيس کي تفصيل سان ٻڌڻ چاهي ٿي، مخالف ڌر کي عدليه جو احترام نظر ۾ رکڻ گهرجي. جهانگير ترين ۽ عليم خان بابت پڇيل سوال هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته انهن بابت ڪجهه نٿو چوڻ چاهيان، ڌمڪي واري خط بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته اهو حساس معاملو آهي هن وقت ڳالهه ڪرڻ مناسب نه آهي، جلد ان بابت به ٻڌايو ويندو.
فل ڪورٽ جوڙڻ جو معاملو چيف جسٽس جو اختيار آهي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری