اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته غريب ماڻ??ن کي صحت جي معياري سهولتن جي مفت فراهمي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، لاچار ۽ مفلس طبقي تي ڌيان نه ڏيڻ جي سوچ بدلائڻ ۽ انهن جي خدمت کي ترجيحن ۾ سرفهرست رکڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ڪڊني اين?? ليور انسٽيٽيوٽ (پي ڪي ايل آئي) کي ٽرسٽ بڻايو وڃي ۽ نرسنگ يونيورسٽي جي منصوبي کي جلد مڪمل ڪيو وڃي. وزيرا??ظم آفيس پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ڪڊني اين?? ليور انسٽيٽيوٽ تي لاهور ۾ جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيرا??ظم کي پي ڪي ايل آئي جي انتظامي معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيرا??ظم کي ٻڌايو ويو ته گذريل سال 290 ڪڊني ٽرانسپلانٽ ۽ 190 ليور ٽرانسپلانٽ ڪيا ويا، مريضن مان رڳو 17 سيڪڙو کي ئي مفت علاج جي سهولت فراهم ڪئي وئي. وزيرا??ظم کي اسپتال سان گڏ نرسنگ يونيورسٽي جي منصوبي تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيرا??ظم پي ڪي ايل آئي جي منصوبي کي مڪمل ڪرڻ ۾ ڪوتاهي ڪندڙ تي افسوس جو اظهار ڪندي پي ڪي ايل آئي ۾ مريضن کي ڏني ويندڙ موجوده سهولتن کي غيرتسلي بخش قرار ڏنو. وزيرا??ظم اسپتال ۾ سهولتن کي عالمي معيار موجب بڻائڻ ۽ گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو غريب مريضن کي مفت علاج فراهم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون. وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو ته پي ڪي ايل آئي جو مقصد ئي پوري ملڪ جي غريب ۽ لاچار ماڻ??ن کي مفت ٽرانسپلانٽ جي سهولت فراهم ڪرڻ هو ته جيئن ان??ن کي وڏي رقم خرچ ڪري علاج جي لاءِ ٻين ملڪن نه وڃڻو پوي. وزيرا??ظم پي ڪي ايل آئي کي ??ال?? طور خودمختيار بڻائڻ جي لاءِ چيف سيڪريٽري پنجاب کي هدايت ڪئي ته هو مڪمل حڪمت عملي جوڙي ٽن ڏينهن ۾ پيش ڪري. وزيرا??ظم هدايت ڪئي ته ??ال?? سببن جي ڪري پڻ مريضن کي علاج کان محروم نه رکيو وڃي، صحت جون معياري سهولتون حاصل ڪرڻ ۾ ملڪ جي غريب ماڻ??ن کي مسئلا آهن، ان??ن کي عالمي معيار جي سهولتن جي مفت فراهمي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيرا??ظم لاچار ۽ مفلس طبقي تي ڌيان نه ڏيڻ جي سوچ کي بدلائڻ ۽ انهن جي خدمت کي ترجيحن ۾ سرفهرست رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيرا??ظم پي ڪي ايل آئي کي ٽرسٽ بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته نرسنگ يونيورسٽي جي منصوبي کي جلد مڪمل ڪيو وڃي ۽ پي ڪي ايل آئي جي صفائي کي عالمي معيار موجب بڻائڻ جي لاءِ جيڪڏهن ضرورت پوي ته صفائي جي نظام کي آئوٽ سورس ڪيو وڃي. اجلاس ۾ خواجه سلمان رفيق، خواجه عمران نذير، پنجاب جي چيف سيڪريٽري، پنجاب جي هيلٿ سيڪريٽري، لاڳاپيل اعلي?? عملدارن ۽ پي ڪي ايل آئي جي عهديدارن شرڪت ڪئي.
غريب ماڻهن کي صحت جي معياري سهولتن جي مفت فراهمي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج