لاهور – 08 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت صحافت جي آزادي ۽ اظهار راءِ جي آزادي تي ڪنهن به قسم جي پابندي لڳائڻ جو ارادو نه ٿي رکي، پيڪا آرڊيننس سميت ٻين سمورن قانونن تحت صحافين جي خلاف بنا ڪنهن سبب جي ڪاررو??ين تي هر ممڪن تحفظ ڏنو ويندو، پيڪا آرڊيننس جو جائزو وٺڻ جو ڪم اڳ ۾ ئي قانون واري وزارت کي ڏنو ويو آهي، ??ڪومت صحافين جي حقن جي تحفظ ۽ ملڪ ۾ ذميواراڻي صحافت جي فروغ لاءِ سي پي ??ين اي سميت صحافين جي ٻين نمائنده ادارن سان گڏجي تعميري ڪم ڪرڻ جي خواهشمند آهي، ??ڪومت بجلي جي پيداوار ۽ ان جي فراهمي ۽ پهچ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. هو لاهور ۾ ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرز ايڊيٽرز (سي پي ??ين اي) جي وفد سان ملاقات جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، سيڪريٽري انفارميشن شاهيره شاهد، پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن ۽ ٻيا عملدار شامل هئا. وفد ۾ سي پي ??ين اي جو صدر ڪاظم خان، سينيئر نائب صدر اياز خان، نائب صدر پنجاب ارشاد احمد عارف، سيڪريٽري جنرل عامر محمود ۽ ٻيا ميمبر شامل هئا. وزيراعظم آفيس پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم شهباز شريف ان عزم کي ورجايو ته حڪومت صحافت جي آزادي ۽ اظهار راءِ جي آزادي تي ڪنهن به قسم جي پابندي لڳائڻ جو ارادو نه ٿي رکي، وزيراعظم ان ڳالهه جي پڻ خاطري ڪرائي ته پيڪا آرڊيننس سميت ٻين سمورن قانونن تحت صحافين جي خلاف بنا ڪنهن سبب جي ڪاررو??ين تي هر ممڪن تحفظ ڏنو ويندو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پيڪا آرڊيننس جو جائزو وٺڻ جو ڪم اڳ ۾ ئي قانون واري وزارت کي ڏنو ويو آهي. وزيراعظم صحافت جي آزادي، ??مهوريت جي بقاءَ ۽ جمهروي ادارن جي ارتقا ۾ سي پي ??ين اي جي بطور اداري مثبت ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته حڪومت صحافين جي حقن جي تحفظ ۽ ملڪ ۾ ذميواراڻي صحافت جي فروغ لاءِ سي پي ??ين اي سميت صحافين جي ٻين نمائنده ادارن سان گڏجي تعميري ڪم ڪرڻ جي خواهشمند آهي. هن چيو ته حڪومت بجلي جي پيداوار ۽ ان جي فراهمي ۽ پهچ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي ته جيئن عوام جي تڪليف جو ازالو ڪري سگهجي، گذريل حڪومت چار سال ۾ قوم تي قرضن جو بار ٻيڻو ڪري ڇڏيو جنهن جي ڪري غريب جي زندگي وڌيڪ مشڪل ٿي وئي، ??ڪومت غريب ماڻهو جي زندگي جي بنيادي ضرورتن اٽي، ??لاج ۽ دوائن جي گهٽ اگهن تي دستيابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر دم ڪوششن ۾ آهي، ??ريب ۽ لاچار ۽ حقدار طبقن جي مفت علاج جي لاءِ پي ڪي ايل آئي جهڙن ادارن تي گذريل حڪومت ۾ غفلت ۽ حقدار طبقن جي مفت علاج جي لاءِ ڪي خصوصي انتظام نه ڪيا ويا. وزيراعظم ان عزم کي ورجايو ته هن وقت قوم کي يڪجهتي جي ضرورت آهي ته جيئن غيرمعمولي معاشي معاملن کي عوام جي ڀلائي لاءِ حل ڪري سگهجي، ??هڙين حالتن ۾ حڪومت جي خلاف مارچ بنا سبب ۽ قوم ۾ فرق پيدا ڪرڻ جي برابر آهي. حڪومت سي پيڪ ۽ ريڪوڊڪ سميت ملڪ ۾ ٻين سمورن ترقياتي منصوبن تي موثر طريقي سان ڪم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت پرڏيهي معاملن ۾ ڀائر ملڪن سميت سمو??ن ملڪن سان گڏيل عزت ۽ گڏيل مفاد جو تعلق رکڻ چاهي ٿي. وزيراعظم ان عزم کي به ورجايو ته ملڪ ۾ شفاف چونڊن جي لاءِ چونڊ سڌارا تمام ضروري آهن.
حڪومت صحافت جي آزادي ۽ اظهار راءِ جي آزادي تي ڪنهن به قسم جي پابندي لڳائڻ جو ارادو نه ٿي رکي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا جیک پاٹ