اسلام آباد – 26 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتحادي حڪومت جي فور آر فريم ورڪ تحت ٻوڏ متاثر علائقن جي ??حالي ۽ نئين سر تعمير جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هن گذريل ڏينهن عالمي پارٽنرز سپورٽ گروپ جي ٽئين اجلاس جي ??دارت ڪئي جنهن ۾ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ جاري بحالي ۽ نئين سر تعمير جو جائزو ورتو ويو. گروپ جو اجلاس جي??و جنيوا ۾ ريزيليئنٽ پاڪست??ن ڪانفرنس کانپوءِ جوڙيو ويو هو، ان تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي هڪ سال جي موقعي تي منعقد ڪيو ويو. ان ٻوڏ پاڪستان کي وڏو نقصان پهچايو. وزيراعظم چيو ته پنهنجي ??قرير ۾ مون ريزيليئنٽ، ريڪوري، ري هيبلي ٽيشن اينڊ ري ڪنسٽرڪشن فريم ورڪ (فور آر ايف) تحت ٻيهر بهتر بڻائڻ جي لاءِ مخلوط حڪومت جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. مون سڀني عالمي ترقياتي عطيو ڏيندڙن، حصيدارن ۽ دوست ملڪن کي انهن جي وقت سر ۽ فراخدلاڻي امداد تي ساراهيو ۽ انهن کي عالمي شهرت جي ٽئين ڌر جي ??ريعي آڊٽ ڪندڙ غيرملڪي امداد جي ??فاف ۽ موثر استعمال جو يقين ڏياريو. هن چيو ته آئون يو اين ڊي پي جا پڻ ٿورا مڃان ٿو جنهن حڪومت ۽ عالمي برادري جي وچ ۾ بهترين هم آهنگي ۽ تعاون جو مظاهرو ڪيو.
وزيراعظم پاران اتحادي حڪومت جي فور آر فريم ورڪ تحت ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي پختي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔