اسلام آباد -12 آگسٽ (اي پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي ايمپلائز اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوشن (اي او بي آءِ) کي سيڪ??ور??ي گارڊ کان معافي وٺڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي، ته مان پاڪستان جي صدر جي حيثيت سان معافي گهران ٿو. ايوان صدر ميڊيا ونگ طرفان جاري ڪيل بيان مطابق صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جي فيصلي خلاف اي او بي آءِ جي درخواست تي پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي، ته اي او بي آءِ پين??ن جي حاصلات لاءِ سيڪ??ور??ي گارڊ کي آفيس جي اڱڻ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني وئي. هن چيو ته ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوشن پنهنجي غريب، مخالف ۽ غير دوستاڻي طرز عمل تي گهري نظر وجهي، هڪ عام مزدور کي پينشن لاءِ سالن تائين انتظار ڪرائڻ شرمناڪ عمل آهي. صدر مملڪت چ??و ته شڪايت ڪندڙ جي فائيل گم ٿيڻ سبب سال گذري ويا آهن، فائيل سفارش ڪرائڻ تي ڳولهي وئي. واضح رهي ته سيڪ??ور??ي گارڊ افتخار حسين هڪ نجي سيڪ??ور??ي ايجنسي ۾ ڪم ڪندو هو ۽ افتخار حسين 2008ع ۾ سروس دوران حادثي جو شڪار ٿي معذور ٿي ويو هو. بعد ۾ سيڪ??ور??ي گارڊ پينشن لاءِ اي او بي آءِ سان رجوع ??يو?? جڏهن ته اي او بي آءِ پينشن گرانٽ جي ادائگي کان انڪار ڪندي چيو ته افتخار حسين جي ملازمت 15 سالن کان گهٽ آهي، ان لاءِ هو صرف اولڊ ايج گرانٽ جو حقدار آهي جنهن تي رٽائرڊ سيڪ??ور??ي گارڊ وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو. وفاقي محتسب اي او بي آءِ کي ڪيس تي غور ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وفاقي محتسب جي فيصلي خلاف اي او بي آءِ صدر مملڪت وٽ اپيل دائر ڪئي جنهن کي صدر مملڪت اڪلائيندي چيو ته هڪ عام مزدور (سيڪ??ور??ي گارڊ) کي انصاف لاءِ ڪيترائي سال انتظار ڪرڻو پيو آهي. صدر مملڪت چ??و ته اهو ڄاڻي انتهائي مايوس ??يو آهيان ته سيڪ??ور??ي گارڊ جڏهن پنهنجي پين??ن جي پيروي لاءِ آفيس ويو ته ان کي اي او بي آءِ جي آفيس ۾ داخل ٿيڻ جي به اجازت نه ڏني وئي. هڪ رٽائرڊ آفيسر جي مداخلت کان پوءِ شهري کي آفيس م داخل ڏني وئي. هن چيو ته ڪيس جي ٻڌڻي دوران اي او بي آءِ جي نمائندي خاطري ڪرائي آهي ته سيڪ??ور??ي گارڊ جي شڪايت تي قانون مطابق غور ڪيو ويندو. صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي اي او بي آءِ جي اپيل کي اڪلائيندي حڪم ڏنو ته سيڪ??ور??ي گارڊ جي پين??ن جي معاملي کي اداري جي چيئرمين بدران اداري جي اٿارٽي آڏو پيش ڪيو وڃي.
صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي جي اي او بي آءِ کي سيڪيورٽي گارڊ کان معافي گهرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج