اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو ا??لاس سينيٽر فاروق حامد نائيڪ جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني برڪس ۾ مڪمل ميمبرشپ حاصل ڪر?? جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي ح??ال?? سان جامع بريفنگ ڏني. هن برڪس جي تاريخ ۽ مقصدن تي روشني وڌي جنهن ۾ تازو ئي سعودي عرب، يو اي اي، ارجنٽائن، مصر ۽ ايٿوپيا جهڙن ملڪن کي ميمبرشپ ڏني وئي آهي. هن چيو ته برڪس جي توسيع ميمبرن جي اتفاق راءِ تي آهي. پاڪستان عالمي مالياتي ڍانچي جي نئين سر جوڙجڪ ۽ ڊالر تي دارومدار گهٽ ڪر?? جي پنهنجي هدفن جي ڪري ان گروپ ۾ شامل ٿي?? جي امڪانن کي فعال طور تي ڳولي رهيو آهي. پرڏيهي وزارت برڪس ۾ پاڪستان جي داخلي کي هموار ڪر?? جي لاءِ لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت جو عمل شروع ڪيو آهي. اجلاس ۾ سينيٽرن پاران برڪس ۾ پاڪستان جي شموليت جي ح??ال?? سان ڀارت پاران امڪاني ويٽو بابت خدشن جو ا??هار ڪيو ويو. نگران پرڏيهي وزير يقين ڏياريو ته اهڙي طرح جي ويٽو جو سهارو وٺندڙ ڪو ب?? ميمبر گروپ جي اندر پنهنجي حيثيت کي خطري ۾ وجهي ٿو. هن پاڪستان جي ان عزم جو ا??هار ڪيو ته هو ڪنهن بلاڪ پاليٽڪس ۾ ملوث نه ٿيندو جنهن جو مقصد سمورين قومن سان مثبت لاڳاپا رکڻ آهي. آمريڪا سان پاڪستان جي لاڳاپن باتب س??ال?? جا جواب ڏيندي نگران پرڏيهي وزير روس ۽ يوڪرين جي صورتحال جهڙن تڪرارن جي عالمي اثرن تي روشني وڌي. هن موجوده دنيا جي گڏيل رابطي جي ڏس ۾ سمورين قومن سان مثبت لاڳاپا برقرار رک?? جي پاڪستان جي پاليسي تي زور ڏنو. ڪميٽي جي چيئرمين جي پڇڻ تي نگران پرڏيهي وزير چيو ته برڪس ۾ ميمبرشپ پاڪستان کي هڪ اهم عالمي فورم تي نمائندگي ڏيندي ۽ ميمبر ملڪن سان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي آسان بڻائيندي. چترال ۾ ٽي ٽي پي جي تازي حملي ۽ ان جي نتيجي ۾ امن امان جي صورتحال بابت پڇيل سوال تي نگران پرڏيهي وزير يقين ڏياريو ته صورتحال ضابطي ۾ آهي، پاڪستان افغان عبوري حڪومت سان فعال طور تي مصروف عمل آهي، اسان جو سفير ان معاملي کي حل ڪر?? جي لاءِ افغان عملدارن سان ملاقات ڪري رهيو آهي. هن افغان هم منصبن سان مسلسل ڳالهه ٻولهه ذريعي اهڙين حالتن کي ٻيهر ٿيڻ کان روڪ?? جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ا??هار ڪيو. مختلف ملڪن ۾ مقررين جي مدي سان گڏوگڏ نان ڪيريئر سفيرن ۽ هاءِ ڪمشنرز جي لاءِ مقرري جي پاليسي جو ذڪر ڪندي نگران پرڏيهي وزير واضح ڪيو ته نان ڪيريئر مقررين جي لاءِ 20 سيڪڙو ڪوٽا آهي جنهن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي ٿو، نان ڪيريئر ڊپلوميٽس جي چونڊ جي ح??ال?? سان هن چيو ته حڪومت مخصوص معيار ۽ قاعدن کانسواءِ موزون هجڻ کي ترجيح ڏي ٿي. اجلاس ۾ سينيٽرز مشاهد حسين سيد، زرقا سهروردي تيمور، پلوشه محمد زئي خان، مولانا عبدالغفور حيدري، وليد اقبال ۽ محمد طاهر بزنجو کانسواءِ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ پرڏيهي وزارت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک