لاهور – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشر??ات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته حڪومت راندين جي سرگرمين جي فروغ لاءِ پرعزم آهي، پي ٽي وي اسپورٽس پاڪستان ۾ راندين جي ڪلچر کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ا??ا ڳالهه هن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين ذڪاءُ اشرف سان م??اق??ت دوران ڳالهائيندي چئي. م??اق??ت ۾ پي سي بي ۽ پي ٽي وي اسپورٽس جي وچ ۾ تعاون سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ان موقعي تي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته ر??نديون معاشري ۾ مثبت تبديليون آڻين ٿيون. هن چيو ته پي ٽي وي اسپورٽس ناظرين ۾ ڪافي مقبوليت حاصل ڪئي آهي، پي ٽي وي اسپورٽس پاڪستان ۾ راندين جي ڪلچر کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير ڪرڪيٽ جي فروغ لاءِ پي سي بي جي ڪردار کي ساراهيو.
حڪومت راندين جي سرگرمين جي فروغ لاءِ پرعزم آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج