بيجنگ – 16 – آڪ??وب?? (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چين جي دوري جي لاءِ بيجنگ پهچي ويو. بيجنگ پهچڻ تي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو. چين جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزير وانگ زو گانگ، پاڪستان ۾ چين جي سف??ر جيانگ زي ڊونگ ۽ اعليٰ عملدارن سندس آجيان ڪئي. چين جي فنڪارن روايتي رقص سان نگران وزيراعظم جو استقبال ڪيو. نگران وزيراعظم کي گلدستو پيش ڪيو ويو. پاڪستان ۽ چين جا قومي ترانا وڄايا ويا. نگران وزيراعظم پنهنجي چين جي دوري دوران 17 ۽ 18 آڪ??وب?? تي منعقد ٿيندڙ ٽئين عالمي تعاون بابت بيلٽ اينڊ روڊ فورم (بي آر ايف) ۾ شرڪت ڪندو. بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ پاڪستان ??ي نمائندگي ڪندي نگران وزيراعظم چين پاڪستان ??قتصادي لنگهه (سي پيڪ) تحت گذريل 10 سالن ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪاميابين سان گڏوگڏ مستقبل جي هدفن ۽ ان ??ي اهم منصوبي تي پاڪستان ??ي ڀرپور تعاون جو ورجاءُ ڪندو. نگران وزيراعظم بي آر ايف جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت کانسواءِ 18 آڪ??وب?? تي عالمي معيشت ۾ مواصلاتي رابطن جي موضوع تي منعقد اعليٰ سطحي فورم کي خطاب ڪندو. نگران وزيراعظم جي چين ۾ چيني صدر شي جن پنگ، وزيراعظم لي چيانگ ۽ سي پي سي سينٽرل ڪميٽي جي پولٽ بيورو جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبر لي شي سان ملاقات سان گڏوگڏ اعليٰ چيني قيادت ۽ فورم ۾ شريڪ ٻين ملڪن جي سربراهن سان پڻ ملاقات ٿيندي. نگران وزيراعظم پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ چين ۾ ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن سان پڻ ملاقاتون ڪندو. سنڪيانگ ۽ پاڪستان ??ي عوام جي وچ ۾ لاڳاپن ۽ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ نگران وزيراعظم ارومچي جو دورو ڪندو جتي نگران وزيراعظم اتان ??ي مقامي اڳواڻن ۽ ڪاروباري شخصيتن سان ملاقاتون ڪندو.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جو چين جي دوري تي بيجنگ پهچڻ تي شاندار استقبال
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم