لاهور – 01 – جنوري (اي پي پي) نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته احتجاج ڪندڙ بلوچ خاندانن جي معاملي کي غلط رنگ ڏنو پيو وڃي، رياست جي ويڙهه بلوچن سان نه پر دهشتگرد تنظيمن سان آهي، دهشتگردي جي نئين لهر جو پوري طاقت سان مقابلو ڪيو پيو وڃي. هو لاهور ۾ ڪاروباري سهولت مرڪز جي دوري دوران صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. نگر??ن وزيراعظم چ??و ته افسوس جو مقام آهي جو بلوچ خاندانن جي معاملي کي حقيقتن جي ابتڙ پيش ڪيو پيو وڃي ڇو ته بلوچ ته رياست پاڪستان سان گڏ بيٺل آهن. هن چ??و ته بلوچستان جي ماڻهن جي قتل ۾ دهشتگرد ۽ هٿياربند عسڪريت پسند ملوث آهن جيڪي ڊاڪٽرن، وڪيلن ۽ استادن کي ماري رهيا رهيا هئا. رياست انهن دهشتگردن سان پوري طاقت س??ن وڙهندي ڇو ته انهن کي ماڻهن کي مارڻ جو لائيسنس نه ٿو ڏئي سگهجي. هن چ??و ته احتجاج سڀني جو آئيني حق آهي پر اهو احتجاج قانون جي دائري ۾ رهي ٿيڻ گهرجي. ميڊيا جي هڪ حصي پاران تنقيد جو حوالو ڏيندي نگر??ن وزيراعظم چ??و ته حڪومت بلوچ خاندانن سان نه وڙهي رهي آهي، رياست جي ويڙهه بلوچن سان نه پر دهشتگرد تنظيمن سان آهي. هن چ??و ته اهي دهشتگرد ”را“ کان پئسا ۽ فنڊنگ وٺي رهيا هئا ۽ صوبي ۾ ماڻهن کي قتل ڪري رهيا هئا. نگر??ن وزيراعظم چ??و ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 90 هزار جي لڳ ڀڳ ماڻهو ماريا ويا پر هيستائين شايد ئي 9 ڏوهارين کي سزا ڏني وئي هجي. هن چ??و ته ملڪ ۾ ڪريمنل جسٽس سسٽم ۾ بهتري جي ضرورت آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چ??و ته اظهار جي آزادي تي ڪا پابندي نه آهي. ڊي آئي خان ۾ جي يو آءِ (ف) جي امير مولانا فضل الرحمان جي گاڏين تي مبينا فائرنگ جي واقعي جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چ??و ته اها ڳالهه ڳڻتي جوڳي آهي، حڪومت خيبرپختونخواهه جي ڏاکڻي علائقن ۾ سيڪيورٽي خطرن جو جواب سمورن دستياب وسيلن سان ڏئي رهي آهي. نگر??ن وزيراعظم چ??و ته پرامن چونڊون منعقد ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورا وسيلا ۽ سيڪيورٽي اوزار استعمال ۾ آندا ويندا. هن چ??و ته آءِ ايم ايف کان جلد قسط ملڻ جي اميد آهي، آءِ ايم ايف کان تڏهن ئي ڇوٽڪارو ملندو جڏهن اس??ن وڌ ک??ن وڌ ٽيڪس گڏ ڪنداسين، قرضن جي صحيح استعمال سان ئي بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا، ايف بي آر هن ڀيري جيترو ٽيڪس گڏ ڪيو آهي، اهو اڳ ۾ ماضي ۾ ڪڏهن ناهي ٿيو. هن چ??و ته قانون جي دائري ۾ رهي احتجاج سڀني جو حق آهي، قانون ان جي لاءِ هوندا آهن ته جيئن ڏوهارين کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي. هن چ??و ته ڪاروبار جي فروغ جي لاءِ پنجاب حڪومت جا قدم ساراهه جوڳا آهن، وفاقي حڪومت ڪاروبار جي لاءِ سموريون سهولتون فراهم ڪندي.
احتجاج ڪندڙ بلوچ خاندانن جي معاملي کي غلط رنگ ڏنو پيو وڃي، رياست جي ويڙهه بلوچن سان نه پر دهشتگرد تنظيمن سان آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil