اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارليام??ني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پاڪستان ۾ خراب ترين حالتن ۾ به چونڊون ٿيون آهن، موجوده صورتحال 2008ع ۽ 2013ع کان تمام گهڻي بهتر آهي، چونڊون 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون، اليڪشن ڪميشن اچڻ معمول جو حصو آهي. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارليام??ني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران ڪابينا جي پهرين اجلاس کانپوءِ مسلسل اليڪشن ڪميشن سان رابطي ۾ آهيون، اليڪشن ڪيمشن سان روز??ني جي بنياد تي رابطو ٿئي ٿو، اليڪشن ڪميشن اچڻ معمول جي رابطي جو حصو آهي. هڪ سوال جي جو??ب ۾ هن چيو ته منهنجي چيف اليڪشن ڪمشنر سان ڪا ملاقات ناهي ٿي. سيڪيورٽي صورتحال جي حوالي سان سوال تي هن چيو ته پاڪستان ۾ خراب ترين حالتن ۾ به چونڊون ٿيون آهن، موجوده صورتحال 2008ع ۽ 2013ع کان تمام گهڻي بهتر آهي، سيڪيورٽي صورتحال ۾ وڌيڪ بهتري آڻينداسين، چونڊون 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون. چونڊن جي ڪوريج جي لاءِ فارن ميڊيا جي پاڪستان اچڻ جي حوالي سان سوال جي جو??ب ۾ اطلاعات ۽ پارليام??ني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته اها معلومات پرڏيهي وزارت ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان فراهم ڪندا. سياسي پارٽين جي سرگرمين جي شروعات بابت سوال تي اطلاعات ۽ پارليام??ني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته سياسي پارٽين جي اميدوارن جي اع??ان کانپوءِ چ??نڊ سرگرمين جي باقاعده شروعات ٿيندي، سموريون پارٽيون پنهنجي چونڊ سرگرمين جي شروعات ڪري رهيون آهن، 15 جنوري کان مسلم ليگ (ن) به جلسن جو اع??ان ڪيو آهي، ان کانپوءِ چ??نڊ سرگرمين ۾ وڌيڪ تيزي ايندي. سوشل ميڊيا پليٽ فارمز ۾ فني خرابي بابت سوال جي جو??ب ۾ نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت کان اڳ ۾ به اهڙا فني مسئلا ايندا رهيا آهن، تازو ئي انٽرنيٽ جي خرابي جو سبب فني مسئلو هو، ان جو سياست سان ڪو تعلق نه آهي، ان حوالي سان وڌيڪ تفصيل پي ٽي اي کان معلومات ڪري سگهجن ٿا. هڪ سوال جي جو??ب ۾ هن چيو ته گهرو وزارت جو قلمدان نگران وزيراعظم وٽ آهي، رولز آف بزنس تحت جڏهن ڪو وزير ناهي هوندو ته لاڳاپيل وزارت وزيراعظم وٽ هوندي آهي.
پاڪستان ۾ خراب ترين حالتن ۾ به چونڊون ٿيون آهن، موجوده صورتحال 2008ع ۽ 2013ع کان تمام گهڻي بهتر آهي، چونڊون 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا