اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن تحت ملڪي معيشت کي ٻيهر پٽڙي تي آڻڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، موجوده حڪومت جي اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ تيزي آئي. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ مقرر جاپان جي سفير مٽسو هيرو واڊا سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ ٻطرفي سياسي لاڳاپن، ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون، فيڪ نيوز، حڪومت جي معاشي ??دمن سميت گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ٻنهي ملڪن پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ تعاون جي دائ??ي کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ دوستي ۽ تعاون جو پراڻو رشتو قائم آهي، جاپان پاڪستان جو اهم ترقياتي حصيدار آهي، مشڪل وقت ۾ جاپان جو تعاون پاڪستان جي عوام جي لاءِ سدائين قابل قدر رهيو. هن چيو ته جاپان انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي (جائيڪا) پاڪستان جي ترقي ۾ مدد ڪري رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير جاپان جي سفير کي حڪومت جي معاشي ??دمن کان آگاهه ڪندي چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن تحت ملڪي معيشت کي ٻيهر پٽڙي تي آڻڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته حڪومت ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻ جي لاءِ ايف بي آر ۾ سڌارن سميت ڪار??با??ي ماحول کي بهتر بڻائڻ ۽ سيڙپڪا??ي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، ان کانسواءِ نجي شعبي کي ڪار??با?? ۾ سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن. وفاقي وزير چيو ته موجوده حڪومت جي اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ تيزي آئي، عالمي اخبارُون ۽ رسالا به پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ وڌيڪ بهتري جي اڳڪٿي ڪري رهيا آهن. ملاقات ۾ فيڪ نيوز جي تدارڪ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبن ۾ لاڳاپن جي فروغ جي حوالي سان معاملا پڻ غور هيٺ آيا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پوري دنيا کي فيڪ نيوز جو وڏو چئلينج درپيش آهي، ان تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي جاپان جي سفير پاڪستان سان مضبوط لاڳاپن جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان حڪومت جي ڪار??با??ي طبقي جي سهولت لاءِ قدم پاڪستان کي جاپاني سيڙپڪارن جي لاءِ وڌيڪ پرڪشش منزل بڻائيندا.
وزيراعظم جي ويزن تحت ملڪي معيشت کي ٻيهر پٽڙي تي آڻڻ جي لاءِ پرعزم آهيون: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کی پیش گوئی