مظفر آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آزاد ??شم??ر ۾ احتجاجي تحريڪ دوران شرپسند عنصرن پاران صورتحال کي خراب ڪرڻ ۽ جلاءُ گهيراءُ جي ڪوششون ناڪام ٿي ويون، معاملن کي بهتر طريقي سان حل ڪيو ويو، آزاد ??شم??ر جي عوام پاڪستان سان والهاڻي محبت ڪري ٿي، پاڪستان ??شم??ري عوام جي لاءِ پوري دنيا ۾ آواز اٿار??ند?? رهندو، ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر ۽ فلسطين جي صورتحال تي دنيا خاموش تماشائي بڻيل آهي، اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ??شم??ري ۽ فلسطيني عوام کي انهن جا حق ملندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ڄمون ۽ ??شم??ر ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ ٿيندڙ واقعا بهتر طريقي سان ٿيا. صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي صدر ۽ اتحادين جو ٿورائتو آهيان، تحريڪ هلائيندڙن پنهنجي جائز معاملن جي لاءِ هڪ جمهوري انداز ۾ پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو پر ان تحريڪ ۾ ڪجهه اهڙا شرپسند عنصر هئا جن جو مقصد هو ته ڪنهن طريقي سان آزاد ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ ڀڃ ڊاهه، انساني جانين جو زيان ۽ جلاءُ گهيراءُ ڪيو وڃي. آزاد ??شم??ر جي مضبوط ۽ جاندار قوم پنهنجي مفاد کي بهتر طريقي سان ڄاڻي ٿي. پاڪستان جي 25 ڪروڙ عوام ??شم??رين جي قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي. ??شم??رين جون قربانيون رائيگان نه و??ند??ون. پاڪستان ??شم??ري عوام جي لاءِ پوري دنيا ۾ آواز اٿار??ند?? رهندو. او آءِ سي جي ڪانفرنس ۾ به نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ??شم??ري عوام جي لاءِ ڀرپور آواز اٿاريو ۽ جيڪو پڌرنامو جاري ٿيو ان ۾ ??شم??ر جو ڀرپور طريقي سان ذڪر ڪيو ويو آهي. ايران جي صدر ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي جي پاڪستان جي دوري جي موقعي تي پريس ڪانفرنس ۾ مون ??شم??ر جي ڳا??هه ڀرپور طريقي سان ڪئي ۽ ??شم??ر مسئلي تي تفصيلي ڳا??هه ٻو??هه ٿي. اهي رڳو زباني ڳالهيون نه آهن، اها دلين جي ڳا??هه آهي. ??شم??رين جي هر فورم تي اخلاقي ۽ سفارتي امداد جاري رکنداسين. وزيراعظم چيو ته آزاد ??شم??ر ۾ جيڪو ڪجهه ڏينهن اڳ جيڪا تحريڪ هلي ان ۾ بدقسمتي سان هڪ پوليس اهلڪار ۽ ڪجهه شهري مارجي ويا ۽ ڀڃ ڊاهه ٿي ان جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي، ائين نه ٿيڻ گهرجي ها. شهيدن جي گهرڀاتين کي امدادي پئڪيج ڏنو و??ند??. ??فا??ي حڪومت آزاد ??شم??ر جي لاءِ 23 ارب رپين جو پئڪيج منظور ڪيو. 23 ارب رپيا آزاد ??شم??ر حڪومت جي اڪائونٽ ۾ منتقل ٿي چڪا آهن. اهو ڪو احسان نه آهي اسان جو فرض آهي. ??شم??ر پاڪستان جي شهه رڳ آهي. پاڪستان ۽ ??شم??ر جي عوام جي هڪ ٻئي سان والهاڻي محبت آهي. ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ بيگناهه ??شم??رين جو رت وهايو پيو وڃي. ??شم??رين سان جيلن ۾ زيادتي ٿي رهي آهي. ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر جي ڀينرن ڀائرن جون قربانيون رنگ آڻ??ند??ون. پاڪستان ??شم??رين جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. اهڙي طرح فلسطين ۾ 36 هزار فلسطينين کي شهيد ڪيو ويو آهي. هزارين ٻار، عورتون ۽ مرد شهادت ماڻي چڪا آهن پر دنيا ??شم??ر ۽ فلسطين جي صورتحال تي خاموش تماشائي بڻيل آهي. اسان کي پنهنجي پرامن جدوجهد ۽ اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻي آهي. انشاءَ الله اهو ڏينهن جلد ا??ند?? جڏهن ??شم??ري ۽ فلسطيني عوام کي انهن جا حق ملندا. وزيراعظم چيو ته آزاد ??شم??ر جي ترقي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي سان ڳنڍيل آهي. آءِ ايم ايف جي ٽيم پاڪستان جي دوري تي آهي. ٽيم جي دوري کانپوءِ التوا هيٺ معاملن جو جلد جامع ڳا??هه ٻو??هه سان حل ڪڍنداسين ته جيئن اڳتي اهڙي طرح جا واقعا نه ٿين. پاڻي جي حوالي سان جيڪي معاملا آهن انهن جو به حل ڪڍيو و??ند??. وزيراعظم چيو ته منگلا فيز ٽو جي باقي ڪم کي جلد مڪمل ڪيو و??ند??. اهڙي طرح نيلم جهلم جي حوالي سان معاملن کي پڻ مشاورت سان حل ڪيو و??ند??. ان جي لاءِ مختصر، وچولي ۽ ڊگهي مدي وارا پلان تيار ڪيا وڃن ته جيئن آزاد ??شم??ر جي عوام کي ان ڳا??هه جو يقين ٿي وڃي ته رڳو ڳالهيون نه عمل به ٿي رهيو آهي. ان جي لاءِ ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪا معاملن کي اڳتي وڌائي. آزاد ??شم??ر جي وزيراعظم کي ذاتي طور تي انهن معاملن کي نگراني ڪرڻ گهرجي. ڪفايت شعاري جي لاءِ آزاد ??شم??ر جي حڪومت جي قدمن کي ساراهيون ٿا. اڄ اسان جو ملڪ قرضن ۾ ٻڏل آهي، جيڪڏهن قرضن مان جان ڇڏرائڻي آهي ته ڏينهن رات محنت ڪرڻي پوندي. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان ۽ آزاد ??شم??ر جي معدنيات جا بي شمار خزانا آهن پر بدقسمتي سان 76 سالن ۾ اسان انهن مان فائدو نه کڻي سگهياسين، هاڻي اسان کي ان حوالي سان عملي قدم کڻڻا پوندا. ان موقعي تي ??شم??ر ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو ??فا??ي وزير انجنيئر امير مقام، صنعت ۽ پيداوار وارو ??فا??ي وزير راڻا تنوير حسين، ??فا??ي گهرو وزير محسن نقوي، اطلاعات ۽ نشريات وارو ??فا??ي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ آزاد ??شم??ر جو وزيراعظم چوڌري انوارالحق به موجود هئا. ان موقعي تي آزاد ??شم??ر ۾ احتجاجي تحريڪ دوران فوت ٿيندڙن جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي وئي.
آزاد ڪشمير ۾ احتجاجي تحريڪ دوران شرپسند عنصرن پاران صورتحال کي خراب ڪرڻ ۽ جلاءُ گهيراءُ جي ڪوششون ناڪام ٿي ويون، معاملن کي بهتر طريقي سان حل ڪيو ويو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری