اسلام آباد – 24 – جولائي (اي پي پي) دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريسيا اسڪاٽ لينڊ پاڪستان حڪومت جي دعوت تي 28 جولاءِ کان 2 آگسٽ تائين پاڪستان جو پهريون سرڪا??ي دورو ڪندي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پنهنجي 5 ڏينهن جي دو??ي دوران پاڪستان جي قيادت، ڪابينا جي ميمبرن، يوٿ ليڊرز، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ ٻين ڌرين سان ملاقاتون ڪندي. بيان موجب دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل جيڪا موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان جي حمايت لاءِ پرزور حمايتي رهي آهي، 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جا ٻه سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي پاڪستان سان پنهنجي يڪجهتي جو ورجاءُ ڪندي، ان تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ملڪ جو ٽي ڀاڱي حصو ٻوڙي ڇڏيو هو جڏهن ته معيشت کي 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان پهتو هو. پيٽريسيا اسڪاٽ لينڊ جي ٻوڏ متاثر ٿيندڙ ڪجهه علائقن جي دوري جو پڻ امڪان آهي. دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل جي دو??ي دوران ڌريون پاڪستان ۽ دولت مشترڪه جي وچ ۾ گڏيل مفاد جي ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي طريقن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪنديون جن ۾ پاڪستان جي قومي ترقياتي منصوبي جي حمايت، نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ شامل آهي. دولت مشترڪه ۽ پاڪستان پاران 24 – 2023ع تي ”نوجوانن جو سال“ قرار ڏيڻ کانپوءِ دولت مشترڪه جي يوٿ منسٽرز ميٽنگ جي صدارت ڪندي دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل وزيراعظم جي يوٿ پروگرام بابت تفصيلي بريفنگ وٺندي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان تنظيم جي باني ميمبرن مان هڪ جي طور تي دولت مشترڪه کي عالمي مسئلن ۽ چئيلنجز تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ اهم ف??رم جي طور تي اهميت ڏي ٿو. دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل جو دورو پاڪستان ۽ دولت مشترڪه جي وچ ۾ پراڻي حصيداري کي وڌيڪ مس??حڪ?? ڪرڻ جو هڪ اهم موقعو فراهم ڪندو.
دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل 28 جولاءِ کان 2 آگسٽ تائين پاڪستان جو پهريون سرڪاري دورو ڪندي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج