اسلام آب??د-23 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ملڪ کي صحيح رخ ۾ وٺي وڃڻ لاءِ تعليم ۽ انسا??ي وسيلن جي ترقي کي هٿي وٺرائڻ ضروري آهي.اهڙو اظهار هن ڪالهه ضلعي ايجوڪيشن رپورٽ 2023ع جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته مسلم ليگ (ن) طرفان ماضي ۾ انسا??ي وسيلن جي ترقي ۾ ڪيل سڌارا سياسي بي ڌياني جو شڪار ٿيا. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اسان کي دنيا ۾ مقابلو ڪرڻ لاءِ ن??جو??نن کي نوان هنر سيکارڻا پوندا. وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته ن??جو??نن کي ملڪ جي معاشي ترقي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ترقي لاءِ رڳو انفراسٽرڪچر ڪافي ناهي، دنيا ۾ ڪو به ترقي يافته ملڪ اهڙو ناهي جنهن تعليم جي شعبي کي نظرانداز ڪري ترقي ڪئي هجي. تعليم جي شعبي ڌيان نه ڏيڻ ترقي جي سفر ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي، جهڙي طرح ليپ ٽاپ، بنا سوفٽ ويئر بي معنيٰ هوندا آهن اهڙي طرح تعليم کانسواءِاسان پائيدار ترقي جو تصور نٿا ڪري سگهون. تعليم ۽ انسا??ي وسيلن ۾ ترقي پائيدار معاشي ۽ معاشرتي ڍانچي جو بنياد رکن ٿا. اسان ويزن 2010ع ۽ ويزن 2025ع ۾ تعليم ۽ انسا??ي وسيلن جي ترقي کي اهميت ڏني. وفاقي وزير چيو ته 1999ع ۾ جنرل مشرف مارشل لا لڳايو ته مون کيس خط لکيو ته ويزن 2010ع اسان جي سياسي پارٽي جو سياسي دستاويز ناهي، ملڪ جي اقتصادي ۽ سم??جي ترقي لاءِ ويزن 2010ع تي عملدرآمد جاري رکيوو ڃي. هن چيو ته اسان 2017ع ۾ ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ضلعي سطح تي غربت جو تعين ڪرڻ لاءِ رپورٽ جاري ڪئي، اڄ انهي تسلسل کي برقرار رکندي اسان ضلعي سطح تي تعليم جي صورتحال تي اهم رپورٽ جاري ڪئي آهي. وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته ميڊيا سياسي اختلافن کي ڌيان ڏيڻ بدران تعليم، صحت، سم??جي سطح تي درپيش بنيادي مسئلن کي ڪوريج ڏي.ميڊيا پاڪستان کي درپيش بنيادي مسئلن کي بحث جو موضوع بڻائيندو ته هر تڪ ۽ ضلعي سطح تي ترقي جو عمل شروع ٿيندو.
تعليم جي شعبي تي ڌيان نه ڏيڻ ترقي جي سفر ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي: وفاقي وزير احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado