اسلام آباد – 21 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترج??ان ايران ۾ بس حادثي ۾ پاڪستاني ??ائ??ين جي شهادت تي انهن گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي. پاڪستاني ??ائ??ين ايران جي شهر يزد ۾ هڪ افسوسناڪ روڊ حادثي ۾ شهيد ٿي ويا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترج??ان پاران جاري بيان موجب نائب وزير??عظ?? ۽ پرڏيهي وزير جي هدايت تي زاهدان ۾ پاڪستان جي قونصلر کي واقعي واري هنڌ پهچڻ ۽ صورتحال جو جائزو وٺڻ جي ذميواري ڏني وئي آهي. ترج??ان چيو ته هو زخمين کي طبي امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ مقامي عملدارن سان به ??ابطو ڪندو ۽ ميتن کي پاڪستان واپس پهچائڻ جو انتظام ڪندو. فوت ٿيندڙن ??ان اڪثر سنڌ صوبي جا رهواسي آهن. بيان موجب پرڏيهي وزارت انهن ڪوششن ۾ مدد فراهم ڪرڻ ۽ ميتن جي وطن واپسي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ڪرائيسز مئنيجمينٽ يونٽ کي فعال ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته تهران ۾ پاڪستان جو سفير ۽ زاهدان جو قونصلر تهران ۽ زاهدان ۾ ايراني عملدارن سان رابطي ۾ آهن ت?? جيئن ميتن کي ڪڍڻ ۽ وطن واپسي ۾ تيزي آندي وڃي ۽ زخمين جي علاج ۾ سهولت فراهم ڪئي وڃي.
پاڪستان جي پرڏيهي آفيس پاران ايران ۾ بس حادثي ۾ پاڪستاني زائرين جي شهادت تي تعزيت جو اظهار
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ