اسلام آباد – 30 – آگسٽ (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف عوامي جمهوريه بنگلاديش جي حڪومت جي چيف ايڊوائيزر پروفيسر محمد يونس سان ٽيليفون تي بنگلاديش ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي تي بنگلاديش جي حڪومت ۽ عوام سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي. وزي??اع??م آ??يس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف ۽ عوامي جمهوريه بنگلاديش جي حڪومت جي چيف ايڊوائيزر پروفيسر محمد يونس ٽيليفون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزي??اع??م محمد شهباز شريف پروفيسر محمد يونس کي چيف ايڊوائيزر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ بنگلاديش جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ سندس ڪردار کي ساراهيو. هن بنگلاديش ۾ تازي ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي تي بنگلاديش جي حڪومت ۽ عوام سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. وزي??اع??م مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ذريعي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي رشتن جو ذڪر ڪندي وزي??اع??م ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن، ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوام جي وچ ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ اتفاق ڪيو ته وسيع تر علائقائي تعاون ڏکڻ ايشيا جي ماڻ??ن جي زندگين کي بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. پروفيسر محمد يونس ٽيليفون ڪرڻ تي وزي??اع??م جا ٿورا مڃيا.
وزيراعظم جو بنگلاديش جي حڪومت جي چيف ايڊوائيزر پروفيسر محمد يونس سان بنگلاديش ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي تي همدرديءَ جو اظهار
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے