اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جُون صدارتي چونڊون کٽڻ تي نئين چونڊيل صدر ميان رئوف عطاءَ ۽ انڊيپنڊنٽ گروپ جي سربراهه احسن ڀون کي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته نوان چونڊيل عهديدار وڪيل برادري جي مسئلن جي حل سميت اهم قانوني ۽ عدالتي معاملن ?? مثبت ۽ موثر ڪردار ادا ??ندا. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي چونڊن ۾ ڪاميابي تي گروپ جي سمورن اڳواڻن کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته پراميد آهيان ته نئين چونڊيل صدر ميان رئوف عطاءَ سميت سمورا عهديدار بار ۽ وڪيلن جي ڀلائي جي مشن کي جاري رکندا، وڪيل برادري 26هين آئيني ترميم تي عملدرآمد، آئين ۽ پارليامينٽ جي بالادستي جي لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار جاري رکندي. هن چيو ته وڪيل برادري جا سمورا ميمبر مبارڪباد جا مستحق آهن ??ن رئوف عطاءَ جي صورت ۾ بهترين قيادت جي چونڊ ڪئي. هن ??ميد ظاهر ڪئي ته نوان چونڊيل عهديدار وڪيل برادري جي مسئلن جي حل سميت اهم قانوني ۽ عدالتي معاملن ?? مثبت ۽ موثر ڪردار ادا ??ندا.
وزيراعظم پاران سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدارتي چونڊون کٽڻ تي نئين چونڊيل صدر ميان رئوف عطاءَ ۽ انڊيپنڊنٽ گروپ جي سربراهه احسن ڀون کي مبارڪباد
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل