دوحه – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي امير جي دعوت تي ٻن ڏينهن جي سرڪ??ري دوري تي قطر پهچي ويو. دوحه جي عالمي هوائي اڏي تي قطر جي ثالثي و??ري مملڪتي وزير محمد بن عبدالعزيز الخليفي، قط?? ۾ ??قرر پاڪستاني سف??ر ۽ ٻئي سفارتي عملي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران ج??ري بيان موجب پنهنجي دوري دوران وزيراعظم قطر جي امير شيخ تميم بن حماد الثاني سان مل??قات ڪندو. وزيراعظم سان قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي ۽ قطر بزنس مين ايسوسيئيشن جا وفد پڻ مل??قات ڪندا. وزيراعظم قطر ميوزيم ۾ ”منظر آرٽ ايگزي بيشن: 1940ع کان هيستائين پاڪستان ۾ آرٽ ۽ آرڪيٽيڪچر“ جو پڻ افتتاح ڪندو. وفاقي وزير خواجه محمد آصف، ڄام ڪمال خان، محمد اورنگزيب ۽ عطاءُ الله تارڙ پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن.
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ