قاهره – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) پا??ستان ۽ بنگلاديش ٻطرفن لاڳاپن ۾ تازي اڳڀرائي ۽ وڌندڙ اعليٰ سطح جي را??طن تي اطمينان جو اظهار ڪندي گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ عوامي جمهوريه بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر پروفيسر ڊاڪٽر محمد يونس جي وچ ۾ ڊي – 8 سربراهه اجلاس جي موقعي تي ملاقات ۾ ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن جي اها ملاقات پا??ستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ موجوده خيرسگالي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جي حقيقي عڪاس آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي را??طن کي اجاگر ڪندي ٻطرفي تعاون خاص طور تي واپار، عوام جي وچ ۾ را??طن ۽ ثقافتي مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ جي پا??سدتان جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف اقتصادي تعاون جون نيون راهون ڳولڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ خاص طور تي ڪيميڪلز، سيمنٽ ڪلينڪر، ج??اح?? اوزارن، ليدر مصنوعات ۽ آءِ ٽي سيڪٽر جهڙن شعبن ۾ گڏيل واپار کي فروغ ڏيڻ جي وسيع امڪانن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم محمد شهباز شريف پا??ستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ واپار ۽ سفر جي سهولت جي لاءِ تازن قدمن تي بنگلاديش جا ٿورا مڃيا جنهن ۾ پا??ستان مان ايندڙ س??مان جي 100 سيڪڙو فزيڪل معائني جي شرط کي ختم ڪرڻ ۽ ڍاڪا ايئرپورٽ تي پا??ستاني مسافرن جي جاچ پڙتال جي لاءِ قائم خصوصي سيڪيورٽي ڊيسڪ کي ختم ڪرڻ شامل آهي. وزيراعظم پا??ستاني ويزا جي درخواست ڏيندڙن جي لاءِ اضافي ڪليئرنس جي شرط ختم ڪرڻ تي پڻ بنگلاديش جا ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن ۾ تازي اڳڀرائي ۽ وڌندڙ اعليٰ سطح جي را??طن تي پڻ اطمينان جو اظهار ڪيو. هنن گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وسيع ۽ گهرو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. هنن گڏيل طور تي فائديمند ترقياتي مقصد حاصل ڪرڻ جي ڪوششن کي هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻ عوام سان عوام جي را??طن ۽ ثقافتي مٽاسٽا جي اهميت کي تسليم ڪيو جنهن ۾ فنڪار، رانديگر، تعليمي ماهر ۽ شاگرد شامل آهن. ٻنهي اڳواڻن بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيم جي پا??ستان جي دوري ۽ پا??ستاني فنڪارن جي ڍاڪا ۾ ڪنسرٽ منعقد ڪرڻ تي پڻ اطمينان جو اظهار ڪيو. هنن ڊي – 8 سميت مختلف گهڻ رخي فورمز تي تعاون وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.
وزيراعظم ۽ بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر پروفيسر ڊاڪٽر محمد يونس ۾ ملاقات، ٻطرفن لاڳاپن ۾ تازي اڳڀرائي ۽ وڌندڙ اعليٰ سطح جي رابطن تي اطمينان جو اظهار
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ