گڏي?? قومون- 28 جون (اي پي پي) گڏي?? قومن ۾ پاڪست??ن جي مستقل نمائندي منير اڪرم عيدالاضحيٰ جي پُرمسرت موقعي تي ڪشميري عوام کي پنهنجي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ جرئتمنداڻ?? جدوجهد کي خراج تح??ين پيش ڪندي سڄي دنيا جي مسلمانن کي عيدالاضحيٰ جون مبارڪون ڏنيون آهن. ڪشميري ميڊيا سروس موجب گڏي?? قومن ۾ پاڪست??ن جي مستقل نمائندي منير اڪرم آمريڪا ۾ اڄ اربع ڏينهن عيدالاضحيٰ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته عيد جي موقعي تي اسلام جي ناقابل تغير اصولن موج?? انهن سمورن ماڻهن جي حمايت ۽ انهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو وڃي جيڪي ڏاڍ، جنگ، وبا، استحصال ۽ پرڏيهي قبضي ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. هن چيو ته هي عيد ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ اس??ن جي بهادر ڀائرن ۽ ڀينرن لاءِ امن ۽ خوشحالي آڻي جيڪي پنهنجي آزادي ۽ خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ بي مثال قربانيون ڏئي رهيا آهن.هن چيو ته اچو ته اسان هن عيد تي عالمي سطح تي بک کي ختم ڪرڻ ۽ دنيا ۾ اڻبرابري، ناانصافي ۽ امتيازي سلوڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون. هن سمورن مسلمانن کي عيدالاضحيٰ جون مبارڪون ڏنيون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
منير اڪرم طرفان ڪشميري عوام جي جدوجهد کي خراج تحسين، مسلمانن کي عيدالاضحيٰ جون مبارڪون
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔